۽ جڏھن اسان به ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ پھتاسين۔۔۔!!

تحرير: زينت احمد

آئون سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي اٽيند ڪري  زڪيه سان جيئن ئي PIDC  تي پهتس ته مون ڪارن ڪوٽن وارن کي پوليس وارن سان ڳالهيندي ڏٺو. ٿورو اڳتي وڌي ڇا ڏسان ته ڪامريڊ منان جي ڌيءَ مرڪ منان چانڊيو نعرا هڻندي نظر اچي رھي ھئي۔  نامنظور ڪينال سمورا نامنظور نعرا ٻڌندي گھڙي پل لاءِ اندر ۾ آنڌ مانڌ مچي وئي  دل باغ بهار ٿي وئي.

 ائين ڪجهه ڏينهن کانپوءِ  وري وڪيلن جو سڏ ٿيو ته ابا اچو ٻٻرلوءِ ۾ ٿا ڌرڻو هڻون. عامر وڙائچ جي اڳواڻي ۾ قافلو ڪراچي کان نڪتو  انهن جو ايترو ته بهترين استقبال ڪيو ويو جو سچ ۾دل ۾ ھڪڙي راحت محسوس ٿي رھي ھئي. ڪراچي کان ٻٻرلوءِ تائين جي شهرن جا ننڍا وڏا قافلا انهن سان شامل ٿيندا پئي ويا، مٿان گلن جي ورکا ٿي رھي ھئي۔ عامر وڙائچ جي ٽيم جي اڳواڻي ۾ قافلو وڃي پنھنجي منزل تي پھتو. شروعات ۾ وڪيلن جي احتجاج ۾ ڪا گهڻي اميد نه هئي پر ٻن ڏينھن کانپوءِ نااميدي پراميدي تي ۾ تبديل ٿي وئي نه ناممڪن ڳالهھ ممڪن ٿي وئي جيڪا محنت وڪيل ڀائرن جي چئبي. سڄي سنڌ عامر وڙائچ  کي ھمٿائڻ   لاءِ گاڏين ذريعي ٻٻرلوءِ تي پھچي وئي. اھم ڳالهھ ته ڌرڻي ۾ مفت ۾ ماني جو انتظام به شروع ڪيو ويو۔ احتجاج دؤران هڪ پڪوان سينٽر جي مالڪ جو به انٽرويو ٻڌڻ لاءِ مليو جنھن کي ٻڌي دل کي سرور مليو جنهن ۾ هو چئي پيو ته: جيڪو به ماڻهو پنهجي شادي جي ڪارڊ ۾ لکرائيندو ته:

  No more canals on indus Riverته ان کي ماني مرحبا فل رعايت ڏني ويندي.  ڏسندي ڏسندي هن احتجاج جي دوران سنڌ ۾ ڪاڄ شروع ٿيا ان ۾ به ٻين ڳيچن سان گڏ صنم ماروي جو  گيت سنڌ به رهندي، سنڌي رهندا،سنڌو وهندو رهندو هو جڳ جڳ جيندو رهندو“

جيڪو ڄڻ شادين جو سهرو بڻجي ويو، ان گھڻي حد تائين اسانجا حوصلا وڌائي ڇڏيا

هاڻي اچون ٿا ان ڳالھه تي ته سوشل ميڊيا تي ھر روز هڪ ھي ميسيج پڙهڻ لاءِ ملندو هو  جنهن ۾ لکيل هو ته ”ھر وک ٻٻرلوءِ طرف“هر ڪنهن جي دل پئي چاهيو ته ٻٻرلوءِ طرف وڃجي! خير خبر پئي ته ادا يونس مهر ڪوچ ڪرائي آھي ۽ سڀني کي سڏ ڏنو اٿس جيڪو هلڻ چاهي ۽ شامل ٿئي پر بدقسمتي سان ڪنهن مجبوري سبب نه وڃي سگهيس! پر  ان جي وچ ۾ ادي شبنم موتيءَ سگا جي طرفان ريلي جو سڏ ڏنو. اهو سڏ نه پر منهجي لاءِ عيد جي ڏينهن جهڙو خوشي جو ڏينهن هيو. آئون آچر جي ڏينھن جي اچڻ جو بي صبري سان انتظار ڪري رھي ھئس! خير ان دؤران مرحبا منهجي نظر ميڊيا جي ٽيم جي گاڏي تي پئي جنهن ۾ علي گل ملاح ۽ ٻيا کوڙ سارا سنڌي فنڪار، ڊائريڪٽر، هوسٽ سڀ وڃي رهيا هيا انهن جو استقبال ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي هر هنڌ گلن جي ورکا ٿي رھي ھئي۔ ائين سنڌ سان محبت جو اظهار بي مثال لڳو هر روز نوان قافلا ڪڏهن جامي چانڊيو ته ڪڏھن امر سنڌو جي اڳواڻي ۾ ڪڏهن دودي چانڊيو ته ڪڏھن عائشه ڌاريجو ڪڏھن  شيرين اسد جي اڳواڻي ۾ قافلن جو سلسلو جاري هو۔ هي سڀ پنهجي ڌرتي سان محبت ڪندڙ هيا جن کي وڪيلن گڏائي ڇڏيو ۔

 خير وري  آچر جي ڏينهن پنهنجي پٽ کي چيم: مونکي فريئر هال وٺي هل  منهجي پٽ وراڻيو: امڙ اتي ته رڳو شهر  جا ڇوڪرا tiktok پيا ٺاهيندا آهن تون اتي وڃي ڇا ڪندينءِ۔؟ مون ٻڌايومانس: پٽ مان سنڌ جي پاڻي چوري جي خلاف لڳل ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ ٿي چاهيان! خير نه چاھيندي به مونکي وٺي ويو جنھن کانپوءِ  کيس چيم: تون ڪتاب ڏس آئون ريلي وارن سان ملي ٿي اچان مون جيئن اڳتي قدم وڌايو ته ڳاڙها جهنڊا لهرائيندا نظر آيا جن کي ڏسندي دلي خوش ٿي وئي جيئن ويجهو پهتس ته ڇا ڏسان هڪ گروپ  ۾ ذوالفقار جونيئر ميڊيا سان پيو ڳالهائي ٻئي پاسي سهڻي پارس پريا ڪماري جي لاءِ هڪ ننڍڙي پياري ڇوڪري کي گڏ بيهاري نعرا پئي هڻي. مونسان ڏاڍي پاٻوهه سان ملي ائين پوسٽر هٿ ۾ ڏئي نعرا هڻڻ لڳاسين. ان وقت ئي زڪيه به اچي جوائن ڪيو ته ڀيڻ سلطانه وقاصي، ادي حسينه جتوئي، نسرين، شبنم موتي، زبيده جوڻيجو سان مليس پريان ادا مير مظهر ٽالپر ميڊيا سان ڳالهائيندي ڏٺم. ادا سليم ميمڻ جي نگراني ۾ هيءَ ريلي پريس ڪلب تائين پهچي وئي سڀني جو جوش ۽ جذبي جو مثال ملڻ مشڪل آهي!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.