ڪرڪيٽ ۾ به ٺڳي..! ڀارتي بيٽر ويڀَو سوريا ونشي جي عمر تي سوال اُٿڻ لڳا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ راجسٿان رائلز جي ننڍي عمر واري اوپننگ بيٽر ويڀَو سورياونشي 14 سالن جي عمر ۾ سينچري ٺاهي ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته سان گڏوگڏ سندس عمر بابت سوال به اُٿڻ لڳا آهن.
ويڀَو سورياونشي 14 سالن جي عمر ۾ 35 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي، جيڪو رڳو آءِ پي ايل، پر ڪنهن به ڀارتي طرفان تيز ترين ٽي ٽوئنٽي سينچري جو رڪارڊ آهي.
جتي سندس بيٽنگ جي واکاڻ ٿي رهي آهي، اتي سندس عمر بابت پڻ سوال اُٿاريا پيا وڃن.
سوشل ميڊيا تي واهپيدارن ۽ اڳوڻي ڀارتي باڪسر وجيندر سنگهه به سندس عمر تي سوال اُٿاريا آهن ته سندس عمر 14 سال نه پر اٽڪل 16 سال آهي.
وجيندر سنگهه سوشل ميڊيا تي پوسٽ ۾ سوال اُٿاريو ته ڇا هاڻي ڪرڪيٽ ۾ ٺڳي عام ٿي وئي آهي ؟
هن وڌيڪ چيو ته “ اڄڪلهه ماڻهو گهٽ عمر ڄاڻائي ڪرڪيٽ به کيڏڻ لڳا آهن.“
ان کانسواءِ سوشل ميڊيا تي ويڀَو سورياونشي جو هڪ پراڻو انٽرويو 2023 ۾ وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي عمر 14 سال ٻڌائي هئي، جنهن حساب سان 2025 ۾ سندس عمر 16 سال هئڻ گهرجي.
ڀارتي ميڊيا ۽ ڪرڪ انفو جي ويب سائيٽ موجب سورياونشي 27 مارچ 2011ع تي ڄائو هو، جنهن موجب سندس عمر 14 سال ۽ 36 ڏينهن آهي.
اهڙي قسم جي سوالن تي ويڀَو سورياونشي يا آءِ پي ايل فرنچائيز راجسٿان رائلز جو ڪو ردعمل سامهون ناهي آيو آهي.
ياد رهي ته آءِ پي ايل جي ميگا نيلامي ۾ راجسٿان رائلز سورياونشي کي هڪ ڪروڙ 10 لک ڀارتي روپين ۾ خريد ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.