ڪجهه غلط ٿيو آهي، ڪا به اڳڪٿي نه ڪيو، ڪوهلي جي پوسٽ وائرل

ممبئي( ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي سوشل ميڊيا تي هڪ تڪراري ”لائيڪ“ تي وضاحت ڏيندي چيو آهي ته اهو سڀ هڪ ”الگورٿمڪ غلطي“ جو نتيجو آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ويرات ڪوهلي جي انسٽاگرام اڪائونٽ تان هڪ عورت جي ڊانس واري تصوير تي لائيڪ ( پسنديدگي جو اظهار) ڪيو ويو هو، جنهن تي مداحن ۽ ميڊيا طرفان مختلف تبصرا ڪيا ويا هئا.
ان معاملي تي ردعمل ڀارتي ڪرڪيٽر پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي بيان جاري ڪيو ۽ چيو ته ” مان وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته جڏهن مان پنهنجي فيڊ صاف ڪري رهيو هئس، ان دوران لڳي ٿو ته الگورٿم غلطي سبب ڪا انٽريڪشن ڪئي.“
سندس چوڻ هو ته ” ان جي پٺيان قطعي طور ڪو ارادو نه هو، مان درخواست ڪيان ٿو ته ڪنهن به قسم جي اڳڪٿين کان پاسو ڪيو وڃي، مهرباني.“
واضح رهي ته هي معاملو ان وقت سامهون آيو جڏهن آءِ پي ايل مقابلا زور شور سان جاري آهن ۽ ويرات ڪوهلي جي هر چر پر تي ميڊيا ۽ مداحن جي نظر آهي.
ڪوهلي اڳ به سوشل ميڊيا جي اثرن بابت محتاط راءِ ڏيندو رهيو آهي ۽ هو پنهنجي ذاتي زندگي کي تمام محدود انداز ۾ منظرعام تي آڻڻ جو قائل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.