ٽرمپ قومي سلامتي بابت صلاحڪار مائيڪ والٽز کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ قومي سلامتي بابت صلاحڪار مائيڪ والٽز کي عهدي تان هٽائي گڏيل قومن ۾ آمريڪا جو سفير مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سوشل ميڊيا پليٽفارم ’ٽروٿ سوشل‘ تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ والٽز جي خدمتن تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻڌايو ته سندن جاءِ تي عارضي طور پرڏيهي وزير مارڪو روبيو قومي سلامتي جي صلاحڪار جي واڌو چارج سنڀاليندو، جڏهن ته هو پنهنجو اصل سفارتي ڪم پڻ جاري رکندو.
ياد رهي ته مائيڪ والٽز تي تنقيد جو نشانو بڻيو جڏهن هو غلط فهميءَ سبب هڪ صحافي کي اهڙي چيٽ گروپ ۾ شامل ڪري ويٺو جتي حساس فوجي منصوبن تي ڳالهيون(گروپ ۾ يمن ۾ ايران جي حمايت يافته حوثي گروپن تي حملي جو منصوبو پڻ بحث هيٺ هو. ) هلي رهيون هيون.
ماهرن موجب، اها هڪ وڏي سياسي غلطي هئي، جيڪا گڏيل قومن ۾ سندس مقرريءَ جي منظوري واري عمل دوران بحث هيٺ اچي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.