ڪارپوريٽ فارمنگ ڪئنالن کان وڌيڪ ھاڃيڪار آھي:جماعت اسلامي

ڪراچي(رپورٽر )جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان چيو آھي تھ سنڌوءَ جي پاڻي، زمينن ، ڪارونجهر سميت سنڌ جي حقين ۽ وسيلن جي سودي بازي تي قوم کان معافي وٺڻ بدران حڪومتي پارٽيءَ پ پ جو جشن ۽ جلسا عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ برابر آھي، ڇوتھ  پ پ جي صدر زرداريءَ پاڻ ايوان صدر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ درياء تي ڪينال اڏڻ جي منظوري بعد ان ۾ تيزي ڏيکارڻ تي زور ڀريو. صدر زرداري جي ٽيوٽر اڪائونٽ تان اھڙي تصديق ان جو ثبوت آھي. ان باوجود نڪ جي پڪائي سان جشن ملھائڻ افسوس جي ڳالھھ آهي. ھن وڌيڪ چيو تھ  جھڙي طرح سنڌ طاس معاھدو پاڪستان جي جياپي جو ذريعو آھي اھڙي طرح سنڌوءَ سنڌ جي لائف لائن آهي.سنڌ دشمن منصوبي کي وقتي طور ٻنجو اچڻ اھا سياسي سماجي ڪارڪنن وڪيلن سميت ھر سنڌ واسي جي ڪاميابي آھي.ڪينال مڪمل طور رد ڪونھ ٿيا آھن پر اڃا ويتر معاملي کي لٽڪايو ويو آھي. ڪارپوريٽ فارمنگ بھ  سنڌ لاءِ ان کان وڌيڪ ھاڃيڪار آھي.ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ واھن وارو منصوبو وري ڪنھن وقت بھ ڪر کڻي سگھي ٿو. ھن چيوته حڪومت جي بدلي سنڌ جي سودي بازي ڪندڙن کي قوم ڪڏھن بھ معاف ڪونھ ڪندي. سنڌ ھڪ پارٽي کي ٺيڪي تي ڏيندڙ "طاقتور ڌرين”  کي بھ ھاڻي سمجھي وڃڻ گھرجي تھ  عوام پنھنجي جان ڏيندو پر سنڌ جي پاڻي توڙي وسيلن جي سودي بازي ڪونہ ڪندو. جماعت اسلامي سيو سنڌ موومينٽ سميت سنڌ جي حقن لاءِ ھر وک تي سنڌ دوست ڌرين سان جدوجهد۾ ٻانھن ٻيلي ھوندي ٻئي پاسي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران پئٽرول اسمن جي قيمتن ۾ رڳو 2 رپيا گهٽتائي ڪرڻ اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، فارم 47 واري جعلي حڪومت قوم سان مذاق بند ڪري. جڏهن قيمتون وڌايون وڃن ٿيون ته 70 رپيا تائين واڌ ڪئي ويندي آهي، پر جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ تاريخي گهٽتائي ٿي آهي ته حڪومت گذريل ٻن مهينن کان عوام کي رليف ڏيڻ بدران ڪڏهن موٽر وي ته ڪڏهن بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جا ڪوڙا وعدا ڪري رهي آهي، جيڪو عوام سان وڏو مذاق آهي. حڪومت جي ترجيحن ۾ ڪٿي به عوام کي رليف ڏيڻ جو ڪو ارادو نظر نٿو اچي.عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت گهٽ هجڻ باوجود حڪومت هر پندرهن ڏينهن کان پوءِ پٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪندي رهي آهي، ۽ ٻن ٽن مهينن کان پوءِ ٿورو گھڻو گهٽائي، عوام کي گهٽتائي جي خوشخبري ٻڌائي ٿي، جيڪو عمل عوام جي زخمن تي لوڻ ڇٽڻ جي برابر آهي.ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته شهباز-زرداري حڪومت ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، مهانگائي وچولي طبقي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، امن امان جي صورتحال خراب آهي، دهشتگردي قابو کان ٻاهر آهي، جمهوريت بدران هر اداري تي فوجي ادارن جو اثر آهي. اليڪشن ۾ عوام جو اصل مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ مسلط ٿيل حڪومت سبب لکين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن، ماڻهو ملڪ ڇڏي ويا آهن ۽ لکين هجرت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.هن چيو ته جڏهن قيمتون وڌائڻيون هجن ته 50 کان 70 رپيا وڌايو ويندو آهي، پر گهٽتائي لاءِ عوام کي رڳو 1 يا 2 رپيا تي ٽاريو وڃي ٿو، جيڪو ظلم آهي. موجوده حڪمرانن جي خراب معاشي پاليسين سبب مهانگائي عوام جو جيئڻ محال ڪري ڇڏيو آهي. ڪرپٽ حڪمرانن جا ٻاهرين ملڪ اثاثا ۽ بينڪن ۾ پيل اربين رپيا واپس آڻيا وڃن ته قوم تي قرضن جو بار گهٽجي سگهي ٿو. بجلي، پٽرول، گئس ۽ خوراڪ جون شيون سستي ڪري عوام کي حقيقي رليف ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.