حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي پورھيتن جي عالمي ڏينھن تي حيدرآباد ۾ ٿر واسي پورھيت ٻار موسيٰ نھڙي جي قتل واقعي تي گھري افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي ته معصوم ٻار جي قتل جي ذميوار حڪومت آھي، جنھن عمر ۾ ھن کي پڙھڻ گھرجي ها پر پورھيت دشمن معاشي پاليسين جي ڪري ٻار گھرن ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيو، دنيا جو ڇھون نمبر ڪوئلي جو وڏو ذخيرو ٿر سنڌ ۾ آھي پر اتي جا ماڻھو غربت جي لڪير کان ھيٺ واري بدحالي زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، اياز لطيف پليجي چيو ته مزدورن جي ٻارن کي مفت اعليٰ تعليم جا موقعا ڏنا وڃن، ٻاھرين ملڪن ۾ روزگار جا بندوبست ڪيا وڃن، پورھيتن کي روزگار لاءِ آسان شرطن تي قرض ڏنو وڃي، پورھيتن کي بھتر علاج جون سهولتون ڏنيون وڃن.