ڪراچي (منظور سولنگي) سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ وٽ ڌرڻي جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ مهمان نوازي ۽ رواداري جا جيڪي مثال قائم ٿيا آهن، انهن سڄي ملڪ ۽ دنيا کي به حيران ڪري ڇڏيو آهي. ڌرڻي ۾ وڪيلن سان گڏ قومپرست ۽ ترقي پسند پارٽين جا ڪارڪن شامل ٿيا. نامياري شهيد وڪيل اڳواڻ سيد امير حيدر شاهه جي ڀاءُ سيد جعفر شاهه مهمان نوازي ۽ ميزباني جا مثال قائم ڪيا. سکر ۽ خيرپور جي ڪجهه زميندارن ۽ خوشحال گهراڻن به ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن لاءِ، پاڻي، ماني، چانهه، شربت ۽ پاڻي جي ڦوهارن ۽ سمهڻ جي انتظام جا به مثال قائم ڪيا آهن. هو اهڙي مهمان نوازي ڪري رهيا هئا جيئن ڌرڻي جا شريڪ سندن ڪي ويجها دوست يا عزيز هجن. ڌرڻي واري هنڌ ڀرسان جيڪي ڳوٺ آهن اتان جا ماڻهو به وس آهر چانهين جا ٿرماس، لسين جا جڳ توڻي ماني کڻي روز ماڻهن کان اچي پڇن ٿا ته ادا چانهه يا لسي ڪير پيئندو؟ پروگرام ۾ جيڪو به خوشحال ماڻهو اچي ٿو اهو پاڻي جون بوتلون توڻي چانورن جا پيڪيٽ کڻي اچي ٿو. ميزباني جو سڀ کان وڏو مثال ٻٻرلوءِ کان 10، 10 ميل پري، نيشنل هاءِ وي جي آس پاس وارن ڳوٺاڻن قائم ڪيو. ٻٻرلوءِ ڌرڻي سبب نيشنل هاءِ وي تي هزارين ڪنٽينر ڦاٿل هئا. مقامي ڳوٺاڻا انهن ڪنٽينرن جي ڊرائيورن کي چئي رهيا هئا ته توهان جون ٽرڪون ۽ ٽرالا ڀلي اتي بيٺا رهن، انهن مان نه ڪير مال چورائيندو نه انهن کي ڪو نقصان پهچائيندو، توهان اسان جا مهمان آهيو، توهان اسان جي اوطاقن تي آرام ڪريو، اسان اوهان کي ماني پڻ کارائينداسين. ڊرائيورن صحافين کي ٻڌايو ته هو ماني عيوض پيسا به ڏين ٿا ته ڳوٺاڻا نٿا وٺن ۽ چون ٿا ته اوهان مهمان آهيو ۽ اسان جو گهر ڪو هوٽل ناهي. 2007 ۾ جڏهن شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي قتل ڪيو ويو هو ته سڄي سنڌ ۾ روڊ ۽ ريليون بند ٿي ويون هيون، مختلف هنڌن تي باهين سبب مسافر بسن ۽ ريلين کي روڪيو ويو هو. مسافرن کي ڳوٺاڻن پنهنجي گهرن ۾ ڪيترائي ڏينهن مهمان طور ترسايو هو، ان وقت به اهڙي مهمان نوازي جي تعريف ٿي هئي. ٻبرلوءِ ڌرڻي ۾ به هزارين ٽرڪن ۽ ٽرالن جي ڊرائيورن کي ڳوٺاڻن، مانيون کارائي، سندن مال جي حفاظت ڪري سنڌ جي روايتي امن پسندي، مهمان نوازي ۽ رواداري جو مثال قائم رکيو آهي، ان سنڌ جي نالي کي سڄي دنيا ۾ روشن ڪيو آهي. ٽرڪن جي ڊرائيورن کي اهو چوندي ٻڌيو ويو ته سنڌ ڪي لوگون ڪي ڪيا بات هي، يي مثالي انسان ڀي هين تو مثالي مهمان نواز ڀي هين.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 02 مئي 2025ع تي شايع ٿيو