حيدرآباد/جاتي/جهنڊو مري(نمائندا) سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ وارو منصوبو رد ٿيڻ جي خوشي ۾ جي يو آءِ جي اڳواڻمولانا راشد محمود سومرو جو ڪراچي کان ميرپورخاص ويندي حيدرآباد باءِ پاس تي واڌو واهه گيٽن وٽ جي يو آءِ جي ڪارڪنن استقبال ڪري کيس اجرڪون ۽ گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون. مولانا تاج محمد ناهيون، حافظ خالد ڌامراهه،حافظ اعظم جهانگيري، مولانا شبير جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ جي يو آءِ جا راشد محمود سومرو جي استقبال جي لاءِ پهتا. ان موقعي تي راشد محمود سومرو چيو ته سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ جو اعلان ٿيندي ئي جي يو آءِ ڪينالن جي منصوبي خلاف ميدان ۾ آئي، جميعت جي جلسن حڪومت جون اکيون کولي ڇڏيون. هن چيو ته وڪيلن سميت جن به ڌرين ڪينالن خلاف جدوجهد ڪئي انهن جو پورھيو تاريخ ۾ درج ٿي چڪو آهي. هن چيو ته جميعت جي ڪارڪنن جي هوندي سنڌ خلاف ڪوبه منصوبو ڪامياب نه ٿيندو. ھوڏانھن مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته جيڪڏهن حڪمران فيصلو واپس وٺڻ کان پوءِ ٻيھر اھڙي حرڪت ڪندا ته اسان وڌيڪ ميدان ۾ ھوندا سين ، گذريل رات جاتي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ھن چيو ته ڪرپشن ۽ ڪرپٽ وڏيرن جي سھارن تي حڪمراني ڪئي پئي وڃي ، اھي عوام جا نمائندا ناھن ،کين سنڌ جي معدنيات ، زمينن ۽ قدرتي وسيلن تي فيصلو ڪرڻ جو ڪوبه حق ناهي. راشد محمود سومري وڌيڪ چيو ته سنڌ جون زمينون کين واپس ڪرڻيون پونديون،ڪارپوريٽ فارمنگ نالي ڌاڙو قبول ناهي، ھوڏانھن پيارولنڊ ۾ جي يو آء جي مولانا راشد محمود سومرو جو شاندار استقبال ڪيو ويو،ڳوٺ عبدالجبار ٿيٻو ۾ جي يو آئي جي ضلعي جنرل سيڪريٽري عبدالشڪور جي والده جي وفات تي عذر خواهي لاءِ ويندي پيارو لنڊ تعلقه پريس ڪلب تي مولانا راشد محمود سومرو عوام کي خطاب ڪندي چيو تہ پي پي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبي جي منظوري ڏيئي سنڌ جي عوام سان دوکو ڪيو آھي عوام جو فيصلي پي پي حڪومت جون اکيون کولي ڇڏيون آھن سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آھي ھن چيو تھ سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ تي ڪارپوريٽ فارمنگ لاء ڏنيون پيون وڃن جنهن لاءِ جدوجهد جاري رهندي.