ڪراچي( رپورٽر) عوام پاڪستان پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل سوال ڪيو ته اسان ڪائنيٽڪ حملي جو دفاع ته ڪري وٺنداسين، پر معيشت جو ڇا ٿيندو؟ ڪراچيءَ ۾ دي ويسٽا سمٽ کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته پاڪستان کي هن حال تائين پهچائڻ ۾ سڀني جو هٿ آهي، حالتون ان ڪري اهڙيون آهن جو جيڪي سڌارا ڪرڻ گهرجن، اهي نٿا ڪجن. هن چيو ته ڀارت دشمن بڻجي سامهون اچي رهيو آهي، پاڪستان ۾ سياسي هم آهنگي جي ضرورت آهي، ممڪن آهي ته اُهو (ڀارت) حملو ڪري پڇي ته اسان ڪيترا متحد آهيون. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن غيرقانوني طريقي سان ٻاهر ويندڙن کي ڪو حادثو پيش اچي ته موڪلائيندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ٿي، ته پوءِ شهباز شريف خلاف به ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي ته اهي ماڻهو ڇو پيا ٻاهر وڃن. مفتاح اسماعيل اهو به چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جي ڪري مالي خسارو پيدا ٿئي ٿو، ان کي درست ڇو نٿا ڪيو؟ صوبن کي جيڪا رقم ملي ٿي، اها شهرن تائين ڇو نٿي پهچي؟ اڳوڻي وزير چيو ته 26هين ترميم عدالتي نظام کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ جيڪو پيڪا جهڙو قانون آيو، ان تي شهباز شريف سخت بيان ڏنو هو.