ڪئنالن بابت سي سي آءِ جو فيصلو آئيني طور عمل جوڳو ناھي؟آئيني ماھر

اسلام آباد(قربان بلوچ) سي سي آءِ جي ڪئنالن بابت فيصلي تي سنگين سوال اٿي ويا آهن،ان تي سنڌ سان گڏ پنجاب ۾ بھ ردعمل اچي رھيو آھي، اهو فيصلو اصل ۾ سنڌ واسين لاءِ مستقل حل نه، پر سياسي سوديبازي جو نتيجو ٿي سگهي ٿو سي سي آءِ جي اجلاس کان اڳ هڪ اهم ملاقات ٿي هئي، جنهن دوران مبينا طور تي ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ هڪ پردي پٺيان ڊيل  ڪئي وئي،ان ملاقات ۾ ”ڪنھن“کي چيو ويو تھ استادن سان استادي نه هلندي،اھا ڌمڪي واري ڪھاڻي بھ جلد منظرعام تي اچي ويندي،ٻيو تھ  سي سي آءِ جي فيصلي تي سنڌ جا حڪمران جھمريون پيا ھڻن،انھن کي ڪير سمجھائي تھ سي سي آءِ جو ھي فيصلو قابل عمل ناھي،اھو فيصلو چئلينج بھ ٿي سگھي ٿو،سي سي آءِ جي پريس رليز لاڳاپيل ادارن تائين پھچي وئي آھي انھن ادارن جي ھر باشعور شخص جا مٿي تي ھٿ آھن،اھي چون پيا تھ گڏيل مفادن واري ڪائونسل واري اجلاس جو فيصلو آخر آھي ڇا؟ڪو اسان کي بھ سمجھائي،ارسا ايڪٽ 1992ع جي سي سي آءِ مان منظوري ڏنل آھي ۽ ان کي آئين جو تحفظ حاصل آھي،ارسا ايڪٽ ۾واضح آھي تھ  پاڻي ورڇ بابت قانون موجب جيڪڏهن اتفاق راءِ نه ٿئي ته اڪثريتي راءِ سان فيصلو ڪري سگهجي ٿو، ته پوءِ هڪ پريس رليز يا زباني معاهدو ان قانون کي ڪيئن نظرانداز ڪري سگهي ٿو؟ھاڻي حل اھو آھي تھ ان ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وڃي تھ اتفاق راءِ کانسواءِ ڪو بھ منصوبو نھ ٺھندو،حيرت ٿي تھ وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ٽي وفاقي وزير،چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ پنجويھھ کن سرڪاري آفيسر بھ شريڪ ھئا ڪنھن بھ زبان مان اھو لفظ نھ ڪڍيو تھ توھان جيڪو ھي فيصلو ڪري رھيا آھيو اھو قابل عمل ناھي، سي سي آءِ جي پليٽ فارم تي جيڪڏھن ان قسم جا فيصلا ٿين تھ توھان اسان جي ادارن ۽ حڪمراني جي طرز عمل جي قابليت جو بلڪل درست انداوز لڳائي سگھو ٿا، ڪنھن بھ اھو نھ چيو تھ ارسا ايڪٽ کي آئيني تحفظ حاصل آھي ان ۾ توھان لفظن جي بنياد تي حڪم صادر ڪيئن ڪري سگھو ٿا، ٻيو تھ اجلاس ۾ چيو ويو تھ ڪئنالن جي حوالي سان ارسا ۽ پلاننگ ڪميشن اتفاق راءِ پيدا ڪن،اھڙي قسم جا فيصلا ڪير پيو ڪري؟ پلاننگ ڪميشن ۽ ارسا تي سنڌ کي اڳ ئي تحفظات آھن، ارسا پاڻي ورڇ جي حوالي سان اڳ ئي سنڌ سان زيادتيون ڪندي رھي آھي، اھم ڳالھھ اھا آھي تھ سي سي آءِ اجلاس ۾ ارسا چيئرمين کي وزيراعظم ھائوس ۾ گھرائڻ باوجود ان اجلاس ۾ نھ ويھاريو ويو بلڪھ کيس انتظارگاھھ ۾ ويھاري چانھھ پيش ڪئي وئي،اھو بھ گوارا نھ ڪيو ويو تھ ڪئنال اشو تي ھن کي گھرائي پڇاڻو ڪيو وڃي تھ پاڻي دستيابي جي سرٽيفڪيٽ جو فيصلو ڪيئن ۽ ڪھڙي طرح ڪيو ويو؟ ھاڻي مستقبل ۾ ان حوالي سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟ ان فيصلي جي بنياد تي سنڌ ۾ بند پيل روڊ تھ کولرايا ويا آھن، وفاق سان گڏ سنڌ حڪومت بھ دعويدار آھي تھ اھو مسئلو حل ٿي چڪو آھي،شادمانا وڄايا پيا وڃن،ھاڻي جلسا بھ ٿيندا، دعوائون ڪيون وينديون تھ اسان فتح حاصل ڪري آيا آھيون پر توھان جي فتح اڻ مڪمل آھي، ان فيصلي تي توھان جي ادارن جي اھليت بھ وائکي ٿي چڪي آھي، ڇا هي فيصلو قانوني بنيادن تي بيٺل آهي يا رڳو احتجاجن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ هڪ سياسي چال آهي؟ھن وقت نانگ بھ مري وڃي ۽ لٺ بھ نه ٽٽي“ واري صورتحال تيار ڪئي وئي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 01 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.