سي سي آءِ سنڌ جي ماڻهن سان دوکو ڪيو آهي،ڪارپوريٽ فارمنگ رد ڪريون ٿا:اياز پليجو

کپرو(ن ع آ)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو ڪئنالن جي مستقل خاتمي لاءِ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جي سودي خلاف گرھوڙ شريف کان ھزارين ماڻھن جي ريلي ڪڍي، جنھن جو کاھي، غزين آباد، ڀٽ ڀائتي، رتوڪوٽ، ڍليار ۾ گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو. اياز لطيف پليجو ھزارين ماڻھن سان کپرو پھتو جلسي جي  جي ميزباني اقوام متحده ۾سفير مير حسن راڄڙ ڪئي. جڏھن تھ روشن مري، ايڊووڪيٽ ظفر نور مري، نثار ڀرڳڙي، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، مقصود ڀرڳڙي، شوڪت نوحاڻي، بابو نوحاڻي ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ھئا. ان موقعي تي جلسي عام کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تھ سنڌي ماڻهن جي جان آجي ناهي ٿي، سي سي آءِ سنڌ جي ماڻهن سان دوکو ڪيو آهي، فيصلي کي رد ٿا ڪريون، سي سي آءِ واضح فيصلو ڏيڻ بدران معاملو اينگهائي ڇڏيو آهي ايڪنڪ، ارسا، هي هو، ڪٿان آيو، اِهو ائين آهي تھ فيصلو مون وٽ اچي ۽ مان وري ٻي ڏي موڪليان، ڪئنالن جو فيصلو مستقل واپس ناهي ٿيو، ڪئنالن جي تلوار لٽڪيل آهي، ھن چيو تھ  زمينن تي قبضن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سان سنڌ تباھ ٿي ويندي، ملڪ جي ماڻهن کي سنڌ جي هارين سان گڏ بيهڻو پوندو اسين سنڌ جي حقن لاءِ سڄي پاڪستان جا دروازا کڙڪائي رهيا آهيون، اسان ڀارت جي ڌمڪين جي سخت مذمت ڪريون ٿا،ھن چيو تھ  سنڌ ۾ بادشاهي نظام لاءِ زمينون الاٽ ڪيون پيون وڃن ھر ضلعي ھر تعلقي اندر رياستون ٺاھيون پيون وڃن حڪمرانو ٻڌي ڇڏيو، ڪنهن کي بھ سنڌ جا وسيلا، زمينون ۽ پاڻي چوري ڪرڻ جي اجازت نھ ڏينداسين. ھن چيو تھ  سنڌ گئس ۽ پيٽرول پيدا ڪري ٿي،پر سڄي سنڌ ۾ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ آهي،سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي سخت مزاحمت ڪنداسين

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.