اسلام آباد(ع آ نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پهلگام حملي تي ڀارت طرفان رڳو جذباتي ۽ غير منطقي ردعمل ڏٺو ويو آهي، عالمي برادري مڃي ٿي ته پاڪستان جو دهشتگردي سان ڪو واسطو ناهي، پر هميشه وانگر هن ڀيري به ڀارت ڪنهن به جاچ کانسواءِ پاڪستان تي الزام لڳائي ڇڏيو. بي بي سي ريڊيو کي انٽرويو ڏيندي اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ڀارت جي بي بنياد الزامن جو تمام بردباري سان جواب ڏنو، پهلگام حملي تي ڀارت جو جذباتي ۽ غير منطقي رويو سامهون آيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري انٽرويو ۾ چيو ته ڀارت هن ڀيري به ڪا جاچ نه ڪندي سڌو پاڪستان تي الزام لڳايو، پاڪستان رڳو ڪنٽرول لائن تي ڀارتي اشتعال انگيزي جو جواب ڏئي ٿو. چيئرمين پيپلز پارٽي جو چوڻ هو ته عالمي برادري مڃي ٿي ته پاڪستان جو دهشتگردي سان ڪو تعلق ناهي. بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو پهلگام حملي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي ته جيئن حقيقتون سامهون اچن ۽ علائقي ۾ امن قائم ٿي سگهي.