مورو/ نوشهروفيروز/ سڪرنڊ/ موهن جو دڙو (نمائندا) ڪئنالن خلاف ڪامياب جدوجهد کانپوءِ ٻٻرلوءِ ڌرڻي تان واپسيءَ تي جدوجهد جي سالار ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ جي قافلي جو مختلف هنڌن تي شاندار استقبال ڪيو ويو، سڪرنڊ ۾ بينظير انٽر چينج پهچڻ تي سڪرنڊ پريس ڪلب پاران صدر مير محمد ڪيريو جي اڳواڻيءَ ۾ سندن شاندار آجيان ڪري قافلي ۾ شامل وڪيلن کي اجرڪون اوڍايون ويون، جڏھن ته سينئير صحافي حاجي عبدالله مگسي عامر نواز وڙائچ کي بوسڪيءَ جو پٽڪو پارايو، ان موقعي تي عامر نواز وڙائچ چيو ته سنڌ جي صحافين پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو اميد آهي ته رهيل جدوجهد جيڪا زمينن جي واپسي واري هوندي ان تي به اسان جو ساٿ ڏيندا، هوڏانهن مورو آمد تي هزارين شهرين عامر نواز وڙائچ جو شاندار استقبال ڪيو، جتي گلن جي ورکا، سنڌ جي سڃاڻپ اجرڪ ۽ لونگيون اوڍائي کيس ڀليڪار ڪيو، ان موقعي تي عامر نواز وڙائچ چيو ته سنڌي قوم محبت ورهائيندڙ، مهمان نواز ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان سچي آهي. مونکي جيڪو پيار هتي مليو، اهو مون لاءِ وڏو اعزاز آهي، جيڪڏهن زمينن تي ٿيل والار جي فيصلي کي واپس نه ورتو ويو ته سخت تحريڪ شروع ڪئي ويندي، نوشهروفيروز ضلعي بار ۾ به گلن جا هار، اجرڪن ۽ ٽوپيون پارائي شاندار استقبال ڪيو ويو، تقريب کي خطاب ڪندي عامر وڙائچ، ڪي بي لغاري ۽ ٻين چيو ته ڪئنال ٺاهڻ وارو منصوبو رد ٿي ويو آهي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ وارو مسئلو به جلد ختم ڪرڻ جو سنڌ حڪومت يقين ڏياريو آهي، سنڌ جو عوام سجاڳ آهي جيڪو پنهنجا حق وٺڻ ڄاڻي ٿو، ان موقعي تي سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين عبدالستار لهراڻي، ضلعي بار جي صدر اياز مري، جنرل سيڪريٽري شوڪت ٻوھيو ، ايڊووڪيٽ عبدالرحيم عباسي شير محمد اڄڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، عامر نواز وڙائچ وفد سميت موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ڪوٽ ڪالو مرزا ۽ باڊھ پهچي ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ احتجاج ڪندڙن کي ماني پهچائي واپس ايندي حادثي ۾ فوت ٿيل عظيم شاهاڻي، حبدار شاهاڻي، اسلم شاهاڻي ۽ مولابخش بروهي جي وارثن سان تعزيت ڪئي، چئني شھيدن جي وارثن کي 3_3 لک روڪ رقم به ڏني ۽ نوڪرين لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو به اعلان ڪيو، سنڌو خاطر شهيد ٿيندڙن جو هر سال ورسي ملهائڻ جو اعلان ڪيو، عامر نواز وڙائچ چيو ته شھيد ٿيل نوجوانن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون.ان موقعي تي شفيق شاهاڻي، ايڊووڪيٽ ثمينا شاهاڻي صنم شاهاڻي آصف شاهاڻي صداقت جوڻيجو، نور احمد بروهي، محمد عظيم شاهاڻي، محب علي شاهاڻي، لياقت علي شاهاڻي، برڪت علي، امانت علي شاهاڻي ۽ ٻيا موجود هئا.