ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم نائن موٽر وي تي سروس روڊ وٽ بس اڏا ۽ پيٽرل پمپن جي اڏاوت خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت چيو ته ان معاملي تي پهريون به درخواستون داخل آهن؟، وڪيل چيو ته اهي درخواستون ايم نائن موٽروي تي پهچ بابت آهن، اسڪور ڪمپني جي وڪيل بئريسٽر عمر سومرو چيو ته درخواستگذار کي پهريون ٻڌو وڃي ته جيئن تعين ڪري سگهجي ته درخواست گذار ڪهڙي طرح متاثر آهن؟، ڄاڻايل درخواست بس اڏي جي اڏاوت بابت آهي، درخواستگذار حاجي عبدالرزاق چيو ته ماسٽر پلان مطابق 150 فٽ جو سروس روڊ آهي، اسڪور ڪمپني سروس روڊ تي پيٽرول پمپ ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، الآصف اسڪوائر ويجهو سروس روڊ تي بس اڏو ٺاهيو پيو وڃي، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي .