مزدور ھڪ تمام عظيم ۽ محنت ڪش ڪردار جو نالو آهي. جيڪڏهن دنيا ۾ مزدور جو ڪم ۽ ڪردار نه ھجي ھا ته شايد ھي دنيا ئي ويران ۽ بدتر ھجي ھا ڇو جو پوري دنيا جي اندر اھم عظيم اعليٰ باوقار ڪردار ۽ ڪم آهي ته اھو خاص ڪري (مزدور) جو آهي. اسان ۽ توهان جو ننڍي ۾ ننڍو ۽ وڏي ۾ وڏو ڪم ھوندو آهي ته اسين سڀ مزدور کي ياد ڪري سنڀاليندا آهيون. پوءِ اھو ڪم جڳھه نالي روڊ گهر دڪان مسجد بنگلو ٺھرائڻ مٽي پٿر ۽ ڪافي وزني ڪم جيڪي اسين پاڻ ڪڏهن به نه ڪري سگهنداسين اھي ڪم صرف ۽ صرف مزدور کان ڪرائيندا آهيون.
انهن ويچارن غريبن مسڪينن بي پھچن وقت جي ماريلن کان اسين ڪم ته وٺندا آهيون. پر جيڪڏهن اھو 10 منٽ ويھي آرام ڪندو آهي. ته ان کي بد شد ڳالهائڻ سان گڏوگڏ ان تي رعب ۽ دٻدٻو ڪندي چوندا آهيون ته جيڪڏهن تون ڪم صحيح نه ڪندين ته تنهنجي ڏھاڙي ڪٽنداسين. مزدور تي زباني جبر ۽ ڏاڍ خوب ڪندا آهيون.
صبح جو اٺين 8:00 وڳي کان وٺي شام جو ڇھين 6:00 وڳي تائين ان کي ويھڻ نه ڏيندا آهيون.پر ويندي ويندي به انهن کي ڪافي ماڻهو چوندا آهن. ته تو ڪم صحيح نه ڪيو ۽ ھاڙي به ان کي اڻ پوري ڏئي ڪري وڃڻ لاءِ چئي ڇڏيندا آهيون.اھو ورتاءُ آهي مزدور سان صدين کان مزدور کي حق نه پيو ملي جڏهن ته اسين سڀ ظالم ٿي چڪا آهيون. تڏهن مزدور جي حق ڳالھائڻ ڇڏي ڏنو آهي.مزدور 1200 سئو روپيا اٽي لٽي اجھي، اھنجي سھنجھي جو پورايو ڪيئن ڪندو.ان جي زندگي وقت جي ظلمن ۽ غربت جي چڪي ۾ پسجي پسجي چڪناچور ٿي پئي وڃي.
پر اسان جي احساسن جو دائرو وڌڻ بجاءِ وڃي پيو گھٽجندو.
ھي سونهن، ھي ساوڪ، ھي روشنيون ھي خوبصورتيون، ھي چمن، ھي رنگينيون آسمان کي ڇڏي ڪري زمين تي چمڪندڙ ستارا ھر شي ۾ وڻندڙ عڪس مزدور جي محنت ۽ مزدور جي چمڪ ظاهر پيو ڪري.
مزدور صرف ڪوڏر ڪھاڙو ڇيڻي ھٿيوڪرني رنبوھر ھلائڻ واري کي نه چيو ويندو آهي پر ھر اھو انسان مزدور آهي جيڪو پنهنجي فرضن سان خوب نڀائي پگهر وھائي وھائي پنهنجي اولاد کي حلال جو رزق ڪمائي کارائي ٿو.