گرميءَ جي ماريل عوام لاءِ خوشخبري، برساتن جو نئون سلسلو اڄ کان شروع ٿيندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب اڄ کان 4 مئي دوران اسلام آباد، مري گليات، پنجاب جي مٿانهن علائقن، خيبر پختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙو به پئجي سگهي ٿو.
2 کان 5 مئي دوران ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ به برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ان دوران سکر، ميرپورخاص، خيرپور، ٿرپارڪر، سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ ۾ پڻ مينهن وسي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.