ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا پريتي زنٽا سوشل ميڊيا تي هڪ مداح کي ڀارتيه جنتا پارٽي ( بي جي پي ) ۾ شموليت بابت سوال تي لاجواب ڪري ڇڏيو.
جڳ مشهور اداڪارا پريتي زنٽا سوشل ميڊيا تي سوال جواب جي آن لائين سيشن دوران هڪ مداح کائنس بي جي پي ۾ شموليت بابت سوال ڪيو.
اداڪارا کي اِهو سوال ٺپ نه وڻيو ۽ هوءَ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سوال پڇندڙ مداح تي ڪڙڪي پئي.
پريتي زنٽا چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ماڻهو ڇو ٻين جي سڃاڻپ ۽ چونڊ تي پنهنجو فيصلو مڙهڻ چاهيندا آهن.
پر ٻئي ڏينهن اداڪارا پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ذريعي مداح کان معافي پڻ ورتي.
پريتي زنٽا پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته ” مون کي افسوس آهي، جيڪڏهن مان آپي مان نڪري ڪجهه گهٽ وڌ ڳالهايو آهي ته ان تي معذرت ڪيان ٿي. “
اداڪارا چيو ته ” هوءَ ڪيئي ورهين کان پرڏيهه ۾ رهي ٿي، پر هوءَ نه ٿي چاهي ته سندس ٻار اِهو وساري ويهن ته هو ڀارتي شهري به آهن. “
پريتي زنٽا جو چوڻ هو ته سندس مڙس ڪنهن به مذهب ۾ يقين نه ٿو رکي پر اسان پنهنجي ٻارن جي پروش هندو مت موجب ڪري رهيا آهيون.
بي جي پي ۾ شموليت واري سوال پريتي زنٽا کي چيڙائي ڇڏيو، مداح کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيائين
You might also like