اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڀارت جيڪڏهن پاڪستان تي حملو ڪيو ته ردعمل ٻيڻو هوندو، سرحدن جي صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيا آهيون.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته موجوده صورتحال ۾ ڀارت ۾ چونڊن سميت ٻيا معاملا آهن، جعفر ايڪسپريس حملي ۾ ڀارت ملوث هو، جلد ثبوت سامهون آڻينداسين، گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير ڪجهه ڏينهن ۾ تفصيلي بريفنگ ڏيندو.
هن چيو ته جيڪڏهن ايران ٽياڪڙي جي ڪوشش ڪئي ته هاڪاري ردعمل ڏينداسين، ٽياڪڙي جي معاملن جو دارومدار ڇڪتاڻ جي صورتحال تي آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هاڻ ڀارت نه ويندي.
You might also like