مان سڀ ڪجهه ٿي سگهان ٿي پر دوکيباز نه: نوال سعيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا نوال سعيد چيو آهي ته مان سڀ ڪجهه ٿي سگهان ٿي پر دوکيباز نٿي ٿي سگهي.
هڪ پروگرام ۾ ميزبان جي سوالن جا جواب ڏيندي نوال سعيد چيو ته مون کي مصوري جو شوق آهي، اڳ ۾ پينٽنگ ڪندي هيس پر هاڻ ناهيان ڪندي.
هن پاڻ کي مزاحيا، حساس ۽ جذباتي قرار ڏنو ۽ چيو ته مان سڀ ڪجهه ٿي سگهان ٿي پر دوکيباز نٿي ٿي سگهان، نه وري مان ڪڏهن دوکو کاڌو آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن انڊسٽري ۾ ڪو ملي وڃي ته شادي ڪري ڇڏڻ گهرجي، مون کي اڃا تائين نه ڪو انڊسٽري ۾ ۽ نه ٻاهر مليو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.