ممبئي (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي هڪ بيان تي دانش ڪنيريا کانپوءِ اڳوڻي ڀارتي اوپنر شيکر ڌون کي به مرچ لڳي ويا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، پهلگام واقعي تي ڀارتي فوج جي ناڪامي تي سوال اُٿاريندي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو هو ته ” اتي جيڪڏهن ڦٽاڪو به ڦاٽي ٿو ته ان جو الزام پاڪستان تي مڙهيو ويندو آهي.“
شاهد آفريدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ” والاريل ڪشمير ۾ اٺ لک ڀارتي فوج جي موجودگي باوجود اهڙو واقعو ٿيڻ انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته توهان نااهل ۽ ڪم چور آهيو، جيڪي ماڻهن کي تحفظ فراهم نه ٿا ڪري سگهو.“
ان جي جواب ۾ اڳوڻي پاڪستاني ليگ اسپنر دانش ڪنيريا جو هڪ بيان ۾ چوڻ هو ته ”شاهد آفريدي مسلسل انتهاپسنداڻن خيالن جي پيروي ڪري رهيو آهي، هن ماضيءَ ۾ مون کي مذهب بدلائڻ تي مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ مون سان گڏ ماني کائڻ کان به انڪار ڪيو هو.“
هاڻي اڳوڻي ڀارتي اوپنر شيکر ڌون به پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇيندي چيو ته آهي ته ” ڪارگل ۾ به توهان کي هارايو هو ۽ اڃا ڪيتري اڳرائي ڪندئو؟ اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آهي.“
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ” پهلگام واقعي تي شاهد آفريديءَ جو بيان بي بنياد آهي کيس پنهنجي مُلڪ جي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي.“