بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ هڪ ريسٽورنٽ ۾ باهه لڳڻ سبب 22 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب باهه لڳڻ جو واقعو چين جي اتر اوڀر شهر لياو يانگ ۾ پيش آيو، واقعي ۾ 3 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا.
چيني صدر زخمين کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سندن گهر ڀاتين سان مڪمل سهڪار جي هدايت ڪئي آهي.