ڀارت ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران“پاڪستان زنده آباد” جو نعرو هڻڻ تي نوجوان بيدرديءَ سان قتل

منگلور (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي شهر منگلور ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران ”پاڪستان زنده آباد“ جو نعرو هڻڻ تي انتهاپسند هندن هڪ نوجوان تي وحشياڻو تشدد ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، واقعو منگلور جي ڀاترا ڪلورتي مندر ڀرسان پيش آيو، جتي ڪرڪيٽ ميچ جاري هئي.
ميچ دوران ڪنهن ڳالهه تان مقتول ۽ سچن نالي هڪ نوجوان وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن کان پوءِ سچن پنهنجي ساٿين کي سڏي ورتو.
تشدد ڪندڙ هجوم نوجوان تي لٺين، ڏنڊن ۽ لوهي راڊن سان حملو ڪيو. وحشياڻي تشدد سبب نوجوان زخمن جا سور نه سهندي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ۽ قتل جي الزام هيٺ 15 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٽي ڄڻا فرار ٿي ويا آهن.
پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب، نوجوان جي موت جو سبب اندروني زخم ۽ وڌيڪ رت وهڻ کي قرار ڏنو ويو آهي. پوليس هن وقت تائين مقتول جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.