جئپور (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي ارڙهين سيزن جي47 هين ميچ دوران، صرف 14 ورهين جي ويڀَو سوريا ونشي نه رڳو تاريخي سينچري اسڪور ڪئي، پر ڪرڪيٽ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو.
راجسٿان رائلز جي نمائندگي ڪندڙ نوجوان بيٽر ويڀو، گجرات ٽائيٽنز خلاف رڳو 38 بالن تي 101 رنسون ٺاهي، ٽورنامينٽ جي تاريخ جي ٻي تيز ترين سينچري پنهنجي نالي ڪئي.
گجرات ٽائيٽنز پهريان بيٽنگ ڪندي 209 رنسن جو وڏو هدف ڏنو، جڏهن ته راجسٿان رائلز ميچ کان اڳ پوائنٽس ٽيبل تي نائين نمبر تي هئي.
راجسٿان طرفان اننگز جي شروعات يشسوي جئسوال ۽ ويڀو ڪئي. ٻن ميچن جو تجربو رکندڙ ويڀو، محمد سراج جهڙي تجربيڪار بالر خلاف صبر جو مظاهرو ڪيو، پر چوٿين اوور ۾ ايشانت شرما تي حملو ڪندي رڳو هڪ اوور ۾ 28 رنسون ٺاهيون، جن ۾ ٽي ڇڪا ۽ چار چوڪا شامل هئا.
پنجين اوور ۾ ويڀو، هلندڙ سيزن جي تيز ترين ففٽي صرف 18 بالن تي مڪمل ڪئي. ڏهين اوور ۾ افغان بالر ڪريم جنت جي ڊيبيو اوور ۾ ويڀو ڇهه بالن تي ٽي ڇڪا ۽ ٽي چوڪا هڻي 30 رنسون ورتيون، جيڪو آءِ پي ايل جي تاريخ جو سڀ کان مهانگو ڊيبيو اوور ثابت ٿيو.
ان کانپوءِ راشد خان خلاف به جارحاڻي انداز اختيار ڪندي، ويڀو ٽورنامينٽ جي ٻي تيز ترين سينچري مڪمل ڪئي.
سندس تاريخي اننگز تي اسٽيڊيم تاڙين سان گونجي اُٿيو، جڏهن ته زخمي ڪوچ راهول ڊريوڊ به بيهي تاڙيون وڄايون.
ويڀو، 101 رنسن تي پرسيڌ ڪرشنا جي بال تي بولڊ ٿيو، پر ان وقت تائين ميچ گجرات جي هٿن مان نڪري چڪي هئي.
راجسٿان رائلز 15.5 اوورن ۾ هدف پورو ڪري ٽي ٽوئنٽي جي تاريخ جو سڀ کان تيز ترين ٻه سئو پلس چيز جو رڪارڊ پڻ قائم ڪيو.
نوجوان بيٽر جي شاندار ڪارڪردگي تي اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سچن ٽنڊولڪر سوشل ميڊيا تي لکيو ته ” ويڀَو بي ڊپو، وقت تي شاٽس جي چونڊ ۽ بيٽ گهمائڻ جو طريقو ناقابلِ يقين آهي.“
يوراج سنگهه چيو ته” ويڀَو سوريا ونشي…! هي نالو ياد رکجو، 14 ورهين جي عمر ۾ دنيا جي ٽاپ بالرن کي للڪارڻ يقين نه ٿو اچي.“
يوسف پٺاڻ، جيڪو اڳ 37 بالن تي آءِ پي ايل جي تيز ترين سينچري جو رڪارڊ رکندڙ هو، ويڀو کي رڪارڊ ٽوڙڻ تي ڀيٽا پيش ڪئي.
ان سان گڏ، ويڀو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ 14 سال ۽ 32 ڏينهن جي عمر ۾ سينچري ٺاهيندڙ سڀ کان ننڍي بيٽر بڻجي ويو.
هن پنهنجي 101 رنسن جي اننگز مان 94 رنسون بائونڊريز ذريعي ٺاهيون.
ميچ کانپوءِ ويڀو چيو ”منهنجو خواب هو ته مان آءِ پي ايل ۾ سينچري ٺاهيان. مان بالر کي نه، بال کي ڏسندو آهيان.“