اسلام آباد (م ڊ) چين پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي واري موقف جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. چيني پرڏيهي وزير وانگ يي پاڪستاني هم منصب ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ٽيليفونڪ ڳالهين دوران چيو ته چين دهشتگردي جي حوالي سان پاڪستان جي موقف سان گڏ آهي ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي مخالفت ڪري ٿو. اسحاق ڊار پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي پس منظر ۾ چيني پرڏيهي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف پرعزم آهي ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ نٿو چاهي.