مسو ڀرڳڙي(رپورٽ: محبوب لغاري) سنڌو درياھ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف ۽ ٻٻرلوءِ ڌرڻي سان يڪجهتي طور ڳوٺ سليمان کٽياڻ کان موسيٰ کٽياڻ تائين پنڌ مارچ ڪيو ويو، قومپرست پارٽين جي سڏ تي ٿيل مارچ ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، مارچ جي شروعات درگاھ محمد فقير کٽياڻ کان ٿي، جنهن جي اڳواڻي نوجوان سياسي ۽ سماجي اڳواڻن وحيد علي خاصخيلي، خان محمد حاڪم لاکو، وقار خاصخيلي، عالم سهتو، نديم خاصخيلي ۽ موهن لعل جڳواڻي ڪئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي پرامن احتجاج کي طاقت ذريعي دٻائڻ جون ڪوششون ڪامياب نه ٿينديون، تشدد جي سخت مذمت ڪريون ٿا، جيڪڏهن پرامن احتجاج خلاف حڪومتي مشينري استعمال ٿي ته اسان سموري سنڌ کي جام ڪري ڇڏينداسين.