ڪراچي(م ڊ)حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري ڪئنال رٿا ختم ڪرڻ واري ارسا جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته سنڌي قوم جي تاريخي فتح ٿي آهي،سخت گرمي باوجود ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ احتجاج ڪيا ويا،هن چيو ته رٿا ختم ٿي چڪي آهي هاڻي ڌرڻا ختم ڪيا وڃن هن چيو ته سرحدن تي جنگ واري صورتحال آهي،سموري قوم ۽ حر جماعت پنهنجي فوج سان گڏ آهي،