ٻٻرلو ۾ جشن جو منظر،احتجاج ختم ڪرڻ بابت فيصلو اڄ ٿيندو

ڪراچي/ حيدرآباد / سکر (نمائندا) تڪراري ڪئنال خلاف ڪالهه به سنڌ ۾ ڌرڻا جاري رهيا، ٻٻرلوءِ ۾ 11 هين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ وڪيل اڳواڻ عامر وڙائڇ ۽ ٻين چيو آهي ته حڪومت پاران ڪئنال رٿا رد ڪرڻ بابت حڪومتي نوٽيفڪيشن جو اڄ جائزووٺڻ لاءِ وڪيلن جي ڪميٽي جو مشاورتي اجلاس ڪوٺايو ويندو جنهن بعد ٻٻرلو ڌرڻو ختم ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، عوام في الحال ڌرڻو جاري رکي، جيتري تائين ڇهن ڪئنالن جي رٿا ختم ٿيڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جي تصديق نه ٿيندي ان وقت تائين ٻٻرلو سميت سمورن هنڌن تي احتجاجي ڌرڻا جاري رهندا، وڪيل اڳواڻ عامر وڙائچ چيو ته اسان کي ڪريڊٽ نه گهرجي، ڪئنال رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن گهرجي، سي سي آءِ جو اجلاس اڳ ٿيڻ گهرجي ها ته مسئلو حل ٿي وڃي ها، وڪيل اڳواڻ سيد جعفر شاهه چيو ته ڪئنال رٿا رد ٿيڻ بعد ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف وڪيل ڪراچي ۾ سي ايم هائوس جو گهيرو ڪندا، ٻي پاسي ڪمون شهيد وٽ سنڌ پنجاب بارڊر تي ڪالهه ڇهين  ڏينهن به سنڌ بار ڪائونسل جي  ميمبر  ذوالفقار جلباڻي، ايس ٽي پي وائيس چيئرمين ايڊووڪيٽ عبدلفتاح سميجو، اوٻاوڙو بار جي صدر قادر بخش ڀٽي، عبدالفتاح سمون، ايڊووڪيٽ سيد فھد علي شاھه ۽ ايڊووڪيٽ راشد علي سنڌو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو جاري رهيو، جنھن سبب پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند رهي، اسان جا حوصلا بلند آهن، اسان پنهنجي حقن تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، ميرپورماٿيلي ۾ قوم پرست پارٽين ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف پاران الڳ الڳ ڌرڻا ڇھين ڏينهن به جاري رھيا، جنهن جي اڳواڻي سعيد بوزدار، نعمان سنڌي، وقار بوزدار، مجيب الرحمان مرڻانس، وقار لاشاري، مرتضي لغاري، عبدالستار سمون، پرويز بوزدار ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ڪنڌڪوٽ ۾ انڊس ھاءِ وي تي ڪئنالن خلاف اٺين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، ڪنڌڪوٽ روٽ کان پنجاب ويندڙ رستا بند ڪيا ويا، ڌرڻي جي اڳواڻي وڪيل عبدالغني بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، دلمراد ڏاھاڻي، ظريت ساگر بجاراڻي، عبدالعزيز سومرو، والي ڏنو سنڌي، فدا حسن محمداڻي، ڪامريڊ عباس، گھايل سنڌي، شاھنواز مرهٽو، ڇوٽو جکراڻي ۽ ٻين ڪئي، پ ٽ الف جو وفد ممتاز چاچڙ، صدر الدين مرھيٽو، انور علي عارباڻي، عبدالڪريم عارباڻي، صحافين جو وفد صدر لياقت علي کوسو، مسعود عالم سومرو، راجا گوپي چند، نصير منگي، احمد علي مغل، سليم ميراڻي، ڊاڪٽرن جو وفد ڊاڪٽر ميھر چند، ڊاڪٽر خليق باجڪاڻي، ڊاڪٽر صوفي سريش ڪمار، ڊاڪٽر يوسف نوناري، ڊاڪٽر جيرام داس، ڊاڪٽر خالد الاھي ڀٽو ۽ گرلس اسڪول جون استادياڻيون ۽ شاگردياڻيون به ڌرڻي  ۾ ويٺيون، ملير ۾ ملير بار ايسوسيئيشن پاران سنڌو مان ڇھھ ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن، ڇھين ترميم، پيڪا ايڪٽ خلاف ملير جي مين نيشنل ھاءِ وي تي لڳل ڌرڻو ستين ڏينھن بھ جاري رهيو، ڌرڻي ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي حليم عادل شيخ چيو آھي تھ وڪيل برادري کي سلام پيش ڪيان ٿو جن سنڌ جي اھم مسئلي تي گڏجي احتجاج ڪيو، آصف علي زرداري ارسا ايڪٽ تي صحيح ڪري سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪيو، ڊاڪٽر عارف علوي وٽ بھ ساڳيو ايڪٽ آيو پر ان سنڌ جي پاڻي جو سودو نھ ڪيو، ھن چيو تھ وڪيلن جي احتجاج دوران پوليس گردي جي مذمت ڪيان ٿو، شھباز شريف اڳ بھ بلاول سان گڏجي عوام کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، ھاڻ بھ عوام کي بيوقوف بڻائي رھيا آھن، ھن ڀيري ٻيھر ھن قسم جي ڪوشش ٿي تھ سخت عوامي ردعمل ايندو، ملير بار جي صدر ايڊووڪيٽ ارشاد شر ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو تھ ھي ڌرڻو ٻٻرلو ڌرڻي جو تسلسل آھي جيستائين وفاق پاران ڪئنالن رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن نھ نڪرندو ان وقت تائين ڌرڻو جاري رھندو، ڌرڻي کي جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو، ايس ٽي پي جو مرڪزي وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي، اعجاز سامٽيو، ملير بار جي اڳوڻي صدر ناصر رضا رند، ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ اعجاز سامٽيو، ايڊووڪيٽ رضا علي سنديلو ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪيو، سن ۾ انڊس هاءِ وي تي ايس يو پي ڪارڪنن ۽ شهرين جو ڪئنالن خلاف ڌرڻو هنيو ويو، جنهن جي اڳواڻي عنايت الله شاهاڻي، لونگ سومرو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.