ملتان(م ڊ) انساني حقن جي ڪميشن (ايچ آر سي پي) جي انتظام هيٺ هاري ڪنوينشن ۾ ڏکڻ پنجاب کان زرعي مزدورن، هارين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جتي انهن موسمياتي تبديلي، زمين جي حقن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زرعي پاليسي سازي ۾ عورتن ۽ اقليتي برادرين جي منصوبابنديءَ سان بي دخلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. مقررن پاڪستان جي زرعي مرڪز تي موسمياتي تبديلي جي تباهي کي اجاگر ڪندي چيو ته بدلجندڙ موسم ۽ خشڪ ٿيندڙ واهن سبب پيداوار تي ناڪاري اثر پئجي رهيو آهي. ايچ آر سي پي جي ڪائونسل ميمبر لبنيٰ نديم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پنجاب جي مزدور قانونن ۾ عورتن زرعي مزدورن کي اڃا تائين نظر انداز ڪيو پيو وڃي. چولستان بچاءُ تحريڪ جي صدراللہ رکيي چولستان جي مقامي ماڻهن جي بي دخلي جي مذمت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن جي سخت مخالفت ڪئي، جيڪي مقامي هارين جي بي دخلي ۽ ماحولياتي نظام جي تباهي جو سبب بڻجن ٿا. انجمن تحريڪ ڪسان بکر جي صدر مهر غلام عباس سيال زمينون وڏين ڪمپنين کي ليز تي ڏيڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته "غذائي تحفظ ڪارپوريٽ لالچ کان اهم هئڻ گهرجي.” "انساني حقن جي ڪارڪن فادر مقصود شرڪت ڪندڙن جي گڏيل عزم کي انهن لفظن ۾ سهيڙيو ته "اسان رحم نه، انصاف گهري رهيا آهيون۔”