وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ڪالهوڪي اجلاس ۾ چئن صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ تڪراري ڪئنال منصوبن کي رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. شڪر ٿيو جو پ پ جي سنڌ حڪومت حڪومت 2 مئي جي تاريخ جو انتظار ڪرڻ بدران وزيراعظم شهباز شريف کي چئي ڪالهه ئي هنگامي بنياد تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائي سنڌو درياهه مان چولستان سميت ڇهه ڪئنالن جو منصوبو رد ڪرائي ڇڏيو. سنڌ حڪومت يقيني طور تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اهو اجلاس ان ڪري هنگامي بنياد تي گهرايو جو ٻارنهن ڏينهن کان ڪراچي بار ۽ سنڌ بار جي وڪيلن ٻٻرلوءِ وٽ ڌرڻو ڏنو هو جنهن ڪري پنجاب ويندڙ ۽ ايندڙ رستا بند ٿيل هيا ايئن ملڪ جي اهم حصي جو ڪاروباري ۽ آمد رفت جو وهنوار بيهي ويو هو جنهن سان تمام وڏو معاشي نقصان ملڪ کي رسي رهيو هو جيڪو ڪا به حڪومت ظاهر آهي ته گهڻو وقت ڏسي نه پئي سگهي پر حيرت آهي ته ان جو وفاقي حڪومت کي اونو اڃان نه ٿيو هو ڇاڪاڻ ته اها منصوبن جي حامي هئي جڏهن ته پ پ وري ڪئنالن جي مخالف هئي جو سنڌ جو عوام سراپا احتجاج هو. ڪئنال منصوبي سبب خود پ پ جي سنڌ ۾ ساک مڪمل طور تي ڪري چڪي هئي، سو پ پ لاءِ سندس ساک بچائڻ جو به سوال هو ياد رهي ته پ پ جي بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه ڏينهن اڳ 24 اپريل تي ملاقات ڪري ڪئنالن تي هلندڙ ڪم فوري طور تي ختم ڪرڻ ۽ باضابطه فيصلو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ 2 مئي تي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ته تڏهن به وڪيل برادريءَ ۽ قومپرست جماعتن ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ته جستائين ڪئنالن جي رد ٿيڻ جو نوٽيفيڪيشن نه ڪڍيو ويندو تيستائين ڌرڻو جاري رهندو. جڏهن ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت سمجهيو هو ته في الحال ڪئنالن تي ڪم روڪڻ جو اعلان ڪبو ته ڌرڻا ختم ٿي ويندا ۽ رستا کلي ويندا پر ائين نه ٿيو.
سنڌ حڪومت ڪافي ڪوشش ڪئي ته احتجاج ڪندڙن کي يقين ڏيارجي ته ڪئنالن جو منصوبو رد ٿي چڪو آهي رڳو فارملٽي آهي جيڪا 2 مئي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پوري ڪئي ويندي پر وڪيل برادري ۽ ٻين سياسي جماعتن پوءِ به ڌرڻا ۽ احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته سنڌ حڪومت ڪجهه ننڍن ڌرڻن کي پوليس جي طاقت يعني ڪارروائي ذريعي ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ته رهندو حالتون خراب ٿي رهيون هيون. تنهن ڪري سنڌ حڪومت جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ قوم پرست جماعتن جي اڳواڻن ۽ وڪيلن سان پڻ فون تي رابطو ڪري ڌرڻا ختم ڪرڻ جي اپيل ڪندو رهيو پر مناسب جواب نه ملڻ ڪري نيٺ سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار سان رابطو ڪري وزراعظم کي ٻڌايو ته 2 مئي تائين ڪير به انتظار نه ٿو ڪري ۽ ڌرڻا جاري آهن سو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس هنگامي بنياد تي گهرايو وڃي ته جيئن رستا کولرائي سگهجن ٻي صورت ۾ 2 مئي تائين ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.
اها تمام سٺي ڳالهه چئبي، سنڌ حڪومت جو اهو تمام سٺو مشورو چئبو ۽ ايئن ئي وفاقي حڪومت به سٺو ڪيو جو ڳالهه کي سمجهيو، مڃيو ۽ اوچتو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ڪالهه ئي گهرائي ورتو. حالتون واقعي تمام گهڻيون خطرناڪ ٿي چڪيون هيون. 12 ڏينهن کان سنڌ ۽ پنجاب جا رستا بند هيا، گڊز ٽرانسپورٽ سميت ننڍيون يا وڏيون گاڏيون ڦاٿل هيون ۽ اتي خدانخواسته شديد گرمي ۾ ڪنهن هڪ به گاڏي کي باهه پئي ها ته اها سڀني گاڏين ۽ ماڻهن کي ساڙي رک ڪري ڇڏي ها، مطلب ته ڪو به خراب واقعو ٿي سگهيو پئي، ڪا دهشت گردي به ٿي سگهي پئي. حڪومت کي ان معاملي ۾ 12 ڏينهن انتظار ئي نه ڪرڻ گهربو هو.
اها به حقيقت آهي ته وفاقي حڪومت جي پنهنجي غلطي سبب ڪئنالن جو منصوبو ان جاءِ تي پهتو نه ته فوري طور تي سي سي آءِ جو اجلاس گهرائجي ها ته هي تڪرار شايد ايتري ڊيگهه ئي نه وٺي ها سو تڪراري ڪئنالن جي منصوبي تي اڄ جيڪي به حالتون پيدا ٿيون، ڌرڻا لڳا ۽ تمام وڏو معاشي نقصان رسيو تنهن جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي. اهو به شڪر جو ڪو وڏو جاني نقصان نه ٿيو نه ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ان سان ختم به ٿي سگهي پئي.
هڪ لحاظ کان ڏسجي ته تڪراري ڪئنالن جي منصوبي سنڌ جي شعور کي ٻڌي جي عظيم طاقت ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو. سنڌي قوم ثابت ڪيو ته اها سنڌ، سنڌو درياهه ۽ ٻوليءَ تي هڪ آهي ۽ متحد آهي ۽ اهڙو نماءُ سنڌي قوم ڪري به ڏيکاريو. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ اندر جيڪي تمام وڏيون تحريڪون هليون تن ۾ ڪئنال مخالف تحريڪ به پاڻ مڃرايو. هيءَ اها تحريڪ هئي جنهن لاءِ هڪ ئي وقت سڄي سنڌ گڏ ٿي ۽ ٻارهجن، عورتون، مرد نوجوان شاگرد، استاد، ڊاڪٽر، اديب، فنڪار مطلب ته سڀ ڌريون گڏ ٿيون. ان تحريڪ جي شروعات قوم پرست جماعتن ڪئي ۽ آخر ۾ وڪيل برادريءَ ان کي ڄڻ ته توڙ تائين پهچايو.وڪيل برادريءَ جي ان تحريڪ جي اڳواڻي ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ ڪئي ۽ ڪئنال مخالف تحريڪ ۾ سنڌ جو هيرو ثابت ٿيو. وڪيل برادريءَ جي ٻٻرلوءِ ڌرڻي کي تاريخي حيثيت ملي وئي ۽ مزاحمتي تاريخ جو اهو هنڌ يادگار بڻجي ويو جتي سڄي سنڌ اچي گڏ ٿي. ڪئنال مخالف تحريڪ ڪشمور کان ڪارونجهر ۽ ڪارونجهر کان ڪينجهر ۽ ڪينجهر کان ڪراچي تائين هلي ۽ سڀني تحريڪن جو آخري معرڪو ٻٻرلوءِ باءِ پاس وارو ڌرڻو ثابت ٿيو.
ڪئنال مخالف تحريڪ جي خاص ڳالهه اها به هئي ته سنڌ حڪومت يعني حڪمران جماعت پ پ به ان جي حمايت ڪئي ۽ سنڌي عوام سان گڏ بيٺي ۽ وفاقي حڪومت کان ڪئنال رٿا واپس ڪرائڻ ۾ حڪومتي ڪردار ادا ڪيو . ان کان علاوه جي ڊي اي، تحريڪ انصاف ۽ مذهبي جماعت جهڙوڪ جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ به ڪئنالن خلاف جدوجهد ۾ پنهنجو اهم ۽ وقتائتو حصو وڌو. جنهن سبب مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت اڪيلي ٿي وئي ۽ نيٺ ان کي سنڌي قوم جي عظيم جدوجهد آڏو گوڏا کوڙڻا پيا. ايئن سنڌي قوم کي عظيم ۽ تاريخ ساز سوڀ نصيب ٿي جنهن تي سنڌي قوم کي لک لک مبارڪون ڏجن ٿيون.