ڪراچي (رپورٽر) صدر آصف علي زرداري سان وڏي وزير مراد علي شاهه بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري عوامي ڀلائي جي جاري منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي، عوامي ڀلائي لاءِ اپائن جي ضرورت تي زور ڏنو.