سي سي آءِ اجلاس بعد ڪينال مسئلو هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو، روڊ کوليا وڃن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ تڪراري ڪينالن وارو مسئلو حل ٿي چڪو آهي.
پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي اڻٿڪ محنت ۽ اثرائتي حڪمت عملي سبب هي مسئلو هاڻي مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو آهي، ٻه مئي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ هي معاملو هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو.
هن چيو سمورين سياسي ڌرين ۽ وڪيل برادري کي اپيل ٿا ڪيون ته رستا کوليا وڃن، رستن کي فوري طور کولي گڊز ٽرانسپورٽ جي رواني کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن وڌيڪ معاشي نقصان نه ٿئي.
سندس چوڻ هو ته رستن جي بندش سبب عوام، امپورٽ، ايڪسپورٽ ۽ هارين کي نقصان پهچي رهيو آهي، ڌرڻا ختم ڪيا وڃن ته اهو وڌيڪ بهتر هوندو، جيڪڏهن ڌرڻا جاري رکيا وڃن ته گهٽ ۾ گهٽ رستا کوليا وڃن، جيئن ٽريفڪ جي رواني متاثر نه ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.