اسان کي درياهه سان گڏ ڌرتي به بچائڻي آهي: اياز لطيف پليجو

ملير (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته اسان کي درياهه سان گڏ ڌرتي به بچائڻي آهي ۽ جيستائين درياهه ۽ ڌرتي نٿا موٽايون اسان جي جدوجهد جاري رهندي.
ملير ڌرڻي ۾ ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته مان توهان سڀني جي جدوجهد کي سلام پيش ڪيان ٿو، سنڌي هڪ طاقت بڻجي اٿيا آهن، سڀني جو هڪ ئي آواز آهي ته درياهه ۽ ڌرتي بچائينداسين.
هن چيو ته سمورا پاڪستاني اسان سان ڀائر آهن ۽ اسان چاهيون ٿا ته سڀني جا وسيلا آباد هجن، سنڌ پرامن آهي، سنڌين کي تنگ ڪندئو ته اسان وٽ ڪو رستو نه بچندو، پاڻي ۽ زمينن تي قبضو ڪري سنڌين تي ڀت سان لڳائيندو ته ڌرتي ڌڻي پنهنجي ئي وطن ۾ پناهگير بڻجي ويندا.
سندس چوڻ هو ته اسان کي رڳو درياهه نه پر زمين به بچائڻي آهي، اسان کي درياهه ڌرتي لاءِ کپي، ڪارپوريٽ فارمنگ ختم نه ٿي ته درياهه جو ڇا ڪنداسين.
اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌي بنا ڪنهن فرق جي گڏجي ويا آهن، هر جماعت جو هڪ ئي مطالبو آهي ته پاڻي ۽ ڌرتي تي قبضو نامنظور، اسان سڀ هڪ للڪار آهيون، جيستائين درياهه ۽ ڌرتي نٿا موٽايون جدوجهد جاري رکنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.