سنڌ جي لاءِ ڪنهن سان به وڙهي سگهون ٿا: ام رباب چانڊيو

ٻٻرلوءِ (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نياڻي ام رباب چانڊيو چيو آهي ته سنڌو جو پاڻي مقدس آهي، سنڌو تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.
ام رباب چانڊيو به ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جي ڌرڻي ۾ پهچي وئي، جتي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته سنڌ جو شعور سجاڳ ٿي چڪو آهي، جنهن جو اسان خواب ڏٺو هو، سنڌو جو پاڻي ايترو مقدس آهي جيتري ماءُ جي ٿڃ هوندي آهي، اسان پنهنجي ماءُ جي ٿڃ ملهائڻ هتي پهتا آهيون، اهو پيغام ڏئي رهيا آهيون ته سنڌو تي ڌاڙو قطعي برداشت نه ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته هن جدوجهد ۾ اسان سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺا آهيون، حڪمران وائڙا ٿي ويا آهن ۽ رستا روڪ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اسان ڊڄڻ وارا ناهيون ۽ سنڌ جي لاءِ ڪنهن سان به جهيڙو ڪري سگهون ٿا.
ام رباب چانڊيو چيو ته اسان نون ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبي کي رد ڪيون ٿا، حڪمرانن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته توهان ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن توهان جو انجام شيخ حسينا واجد جهڙو ٿيندو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.