ايران پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ تيار آهيون، ٻئي ملڪ ايران جا پاڙيسري ۽ ثقافتي، تهذيبي رشتن ۾ جڙيل آهن، ڏکئي وقت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
ان کان اڳ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ٽيليفونڪ گفتگو ڪندي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ علائقائي استحڪام خاطر ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.