اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڀارت کي پهلگام واقعي جي اڻ ڌري جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي.
پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ هٿياربند فوج پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيتن سبب هڪ نالو رکي ٿي، پاڪستان عالمي امن لاءِ پنهنجي ذميوارين کان مڪمل آگاهه آهي، گڏيل قومن جي چارٽر موجب پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندا رهنداسين.
هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي ساهه جي رڳ آهي ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي، ڪشميري عوام کي پنهنجو حق ڏيڻو پوندو، پاڪستان سدائين هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان وڏو نقصان برداشت ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڙيسري ملڪ بنا ثبوتن تي الزام هنيا، پاڪستان پهلگام واقعي جي اڻ ڌري جاچ ۾ سهڪار لاءِ تيار آهي، ڪا به اڳرائي ٿي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، پاڻي روڪڻ جي هر ڪوشش جو قومي طاقت سان جواب ڏنو ويندو.
Prev Post
You might also like