پاڪستان جو جعفرآباد ۽ پهلگام واقعي جي شفاف جاچ لاءِ عالمي ماهرن جي ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جعفر آباد ۽ پهلگام واقعي جي شفاف جاچ لاءِ عالمي ماهرن جي ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ثبوت آهن، اهي ثبوت اسان اڻ ڌري جاچ ڪميٽي کي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
هن چيو ته پاڪستان جو معاشي استحڪام ڀارت کان هضم نه پيو ٿئي، دنيا کي ڏسڻو پوندو ته سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙ ملڪ ڪيئن دهشتگردي جي آڙ ۾ پنهنجا هدف حاصل ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان پهلگام حملي تي ڀارت کي جاچ لاءِ آڇ ڪئي آهي، ڇو ته پاڪستان ان ڊرامي کي وائکو ڪندو ۽ دنيا جي علم ۾ ايندو ته حقيقتون ڪهڙيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.