پاڪ- ڀارت لاڳاپا بهتر ئي ڪٿي هيا جو هاڻي خراب ٿيندا!

تحرير: وسعت الله خان

ننڍپڻ ۾ اسان اڪثر ڏسندا هئاسين ته بازار ۾ ٻن ماڻهن  وچ ۾ ڪنھن بھ پراڻي رنجش يا تازي ناراضگي تي،تلخ ڪلامي شروع ڪري ٿي ويندي هئي. واٽهڙو انهن کي تجسس سان ڏسندا ۽ اڳتي وڌندا ويندا ھئا.تلخ ڪلامي گارين ۾ بدلجڻ لڳندي ھئي تھ ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھون بيھندا ھئا. پوءِ آس پاس جو ڪو نھ  ڪو بزرگ منجيءَ يا دڪان تان ويٺي ويٺي ، رڙ ڪندو هو، "اڙي، چريا  انسان بڻجو، گارين ٻارين جو ڪهڙو فائدو "گرمي جو درجو، منھن ماري  جي حد پار ڪري ھٿين پئجڻ ڏانھن وڌڻ لڳندو تھ ھمراھ  پهرين پنهنجون گھڙيون لاهي پنهنجي پنھنجي کيسي ۾ وجهندا يا ڀرسان واري کي جھلڻ لاءِ ڏيندا، پوءِ ٻانھون چاڙھندا، چيلھه سِڌي ڪندا.پنهنجي ڇاتي جي ٻيڙا کوليندا۽ ھڪ ٻئي جي ڳچيءَ ۾ ھٿ وجھندا ھئا. ٿورو گھڻو ٿپا ٿپي ۽ مڪا مڪي بھ ٿي ويندي ھئي. پر اڪثر ڀرپاسي وارا يا ڀلا  اجنبي ماڻھون وچ ۾ اچي ٻنھي کي ڇڊو ڪري پوئتي ڌڪي الڳ ڪري ڇڏيندا ھئا.

جڏهن ٻنهي سورمن کي پڪ ٿي ويندي هئي ته  نھ بادل ناخواستھ  باهمي تشدد جو خطرو ٽري ويو آهي، ته پوءِ پري ويندي ويندي بھ هڪ ٻئي جي ماءُ ۽ ڀيڻ جو ذڪر ڪندا رهندا هئا،ڏاڙھي تي چئليينجي ھٿ ڦيريندا ۽ فحش اشارا ڪندا بڪندا  ُلڙ ڪندا.پنھنجو رستو وٺندا ھئا. ۽ پوءِ شام جو، ٻئي پنهنجن پنھنجن دوستن ۾ ٻٽاڪ ھڻندا ”جي ڪر فلاڻو ڀائو مونکي پٺيان جھلي پري نھ ڪري ھا تھ  اڄ مان ڪميني جو وات ڀڃي ڇڏيان ھا ".ڪڏهن ڪڏهن چاقو وھندو ھو يا  مخالف کي هڪ گھيري بھ ماريو ويندو هو، پر اها هڪ الڳ، سوچيل سمجهيل گيم ھوندي  هئي.

مان جڏھن بھ هندستان ۽ پاڪستان جي گرمي ۽ سردي جو تماشو ڏسندو آهيان، ته  الائي ڇو.ننڍپڻ جي بازار ۽ ان جا منظر ذهن ۾ ڦرڻ لڳندا آھن.ھر ڀيري ٻھ طرفو پارو ڳاڙهي لڪير تي پهچندو آھي۽ پوءِ ڪو نھ ڪو ٽپو ڏئي وچ ۾پئي  عارضي صلح صفائي ڪرائي ڇڏي ٿو، جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي.مستقل صلح صفائي جو امڪان ان ڪري ناھي ڇو ته ان لاءِ دل ۽ دماغ کي ڪيني کان خالي ڪرڻو پوندو آهي. باقي دنيا لاءِ تھ  اها ئي غنيمت آهي ته ٻئي ڌريون ڀلي ‘ورڪنگ دشمني’  رکن ۽ ننڍا وڏا جھيڙا جھٽا بھ ڪري وٺن، پر اھڙي نوبت نھ اچي وڃي جو جوھري پستول ُالاريندي، هڪ ٻئي تي ڪاھي پون.

دنيا چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿي ته غلطي سان  جيڪڏهن هن خطرناڪ پستول سان هڪ به گولي فائر ٿي  وئي ته انهن ٻنھي ماڻهن جا ويھھ پنجويھ ڪروڙ ماڻھون مرن نھ مرن باقي دنيا جو ماحولياتي نظام ڳڙٻڙ ٿي سگھي ٿو ۽ ان سان اربين ماڻهن جون معيشتون  ڊھي ڦٽي سگھن ٿيون. تنهن ڪري پنهنجي پنھنجي بچاءِ جي لاءِ  پٺي سان پٺي ملائي ويٺل ٻن ايٽمي پاگلن کي  پنھنجي حال تي ڇڏڻ نھ ٿي چاھي.

رھي هڪ ٻئي خلاف پاڻي کي هٿيار طور  استعمال ڪرڻ جي آرزو، تھ خواهش ۽ عمل ۾ وڏو فرق آهي. ڏکڻ ايشيا جي سڀني وڏن دريائن جي ڪنجي تبت جي برف ۾ دفن ٿيل آهي ۽ تبت چين جو حصو آهي. تنهن ڪري، جيڪڏهن ڪو به ھيٺيون ملڪ پنهنجي ھيٺين  پاڙيسري جي گهر ۾ ويندڙ نل بند ڪندو  ته کيس ضرور ڏهه ڀيرا سوچڻو پوندو ته سندس نل ۾ جيڪو بھ پاڻي  اچي رھيو آھي ان جو  هائيڊرينٽ ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ آهي.

هندستان ۽ پاڪستان ھڪ ٻئي جي خلاف آخري ڀيرو باضابطھ جنگ جو اعلان 1971 ۾  ڪيو هو ۽ آخري ڀيرو ڊسمبر 2001 ۾ لوڪ سڀا تي دهشتگرد حملي کان پوءِ ھڪ مڪمل جنگ جي ويجهو پھتا هئا، جڏهن واجپائي حڪومت آپريشن پراڪرم تحت پنج لک فوجي گڏيل سرحد تائين پھچائي ۽ جواب ۾ پاڪستان ٽي لک فوجين کي  موبالائيز ڪيو هو.ايندڙ ڏهن مهينن تائين، ٻنھي هڪ ٻئي جي اکين ۾ اکيون وجھي رکيون ھيون. آڪٽوبر 2002 ۾ خرچ ۽ بوريت جي دباءَ ۾ فوجون پوئتي هٽڻ لڳيون. فائدي ۽ نقصان جو پتو نھ آھي. پر ان لاحاصل مشق ۾ هندستان جا ٽي کان چار ارب ڊالر ۽ پاڪستان جا لڳ ڀڳ سوا ارب ڊالر رک ٿيا.ڪنھن جو ڪو سپاهي هڪ ٻئي جي گولي سان نه مئو ، البتھ غير جنگي سبب جي ڪري سوين فوجي مارجي ويا، جڏهن ته ڏيڍ لک  هندستاني ۽ لڳ ڀڳ 50 ھزار پاڪستاني شهرين کي عارضي طور تي پنهنجا گهرٻار  ڇڏڻا پيا.ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته 2001 ۾ جنگ ٿي وڃي  ها، پر ايٽمي انشورنس ڪم اچي وئي. ڪجھ چون ٿا ته جنگ ٿي وڃي ها، پر دوستن جي دانائي ڪم اچي وئي.

هن ڀيري به ٿي سگھي ٿو تھ  ٻنهي ملڪن جي فوجي ۽ سياسي اسٽيبلشمينٽ  پنھنجي پنھنجي ماڻھن کي ”امپريس“  ڪرڻ جي لاءِ ٿوري گھڻي  ٺون ٺان ڪري وٺي.لائين آف ڪنٽرول  پڻ ڪجهه مهينا تپيل رھي ، پر 2025 ۾ ڪنھن ڀرپور  جنگ لاءِ، ڪنھن بھ پايھ تخت تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ عقلمند شخص جو تخت ويٺل هجڻ ضروري آهي.دنيا اڳ ئي روس يوڪرين لڙائي، غزه جي الميي ۽ واپاري جنگ کان بيزار آهي. ھڪ نئون طوطو پالڻ في الحال  ڪنهن کي وارو نٿو کائي.رھي ڳالهه ويزا  بند ڪرڻ جي. تھ ڪالهه کان اڳ ڪهڙو ويزا آساني سان  ملي ويندو ھو؟ ٻئي ملڪن پنهنجي پنھنجي  هاءِ ڪميشن  ۾ 55 اھلڪار رکن يا  30 . عام ماڻھون جي بلا کان.

ڪهڙو اھڙو واپار ٿي رهيو هو،جو ان جي بند ٿيڻ سان ٻنھي مان ڪنھن کي ڪو  به معاشي جھٽڪو لڳندو. ڪهڙي بصر پٽاٽي جي بين العلائقائي راھداري کليل هئي؟ ڪھڙي ڪرڪيٽ هڪ ٻئي جي ميدانن ۾کيڏي پئي وئي؟ ڪيترا شاعر، ليکڪ، ويا ۽ اداڪار اچي رهيا هئا ۽ وڃي رهيا هئا ؟ ھڪ ٻئي جا ڪيترا  رسالا ۽ ڪتاب سرحد پار ڪري رهيا هئا ؟ٽارگيٽ ڪلنگ اڳ به ٿي رهي هئي،سا ھاڻي بھ جاري آھي. هڪ ٻئي جي پاڙيسرين کي هڪ ٻئي کان اڳ بھ بدظن رکڻ جي ڪوشش جاري ھئي۽ هاڻي شايد اها وڌيڪ ٿي وڃي. پراڪسي جنگ ڪڏهن رڪي ئي نھ آھي، انٽيليجنس آپريشن ڪڏهن ٿميا ئي ناهن.

پاڪ ھند لاڳاپن جي خرابي ڪڏھن ٿيندي ھوندي، هڪ تاريخي زخم، هاڻي تھ عرصي کان هڪ منافعي بخش انڊسٽري آهي. ان ۾ عسڪريت پسند نظريھ بازن ۽ انهن جي طفيلين، هٿيارن جي واپارين ۽ ڪميشن ايجنٽن، هڪ ٻئي کي هر طرح سان نيچ ڏيکاريندڙ بين الاقوامي طاقتن ۽ انهن جي سهولتڪار رياستن جا شيئرز لڳا پيا آهن.ايتري وڏي منڊي ۾”طئي ٿيل سوچيل سمجھيل  افراتفري’  اصل ۾ ان انڊسٽري جي مارڪيٽنگ ڊويزن آھي. پنهنجي پيٽ تي ڪو ڇو سڄي لت مارڻ لڳندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.