سنڌ ھڪ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي

تحرير: جميل چانڊيو

سنڌو درياءَ جي بقا لاءِ سنڌ کان وٺي سڄي دنيا ۾ فقط ھڪ ئي نعرو آھي “سنڌو مٿان ڪئنال سمورا نامنظور” گذريل اٺن ڏينھن کان دنيا جي نظر ٻٻرلو ڌرڻي طرف آھي جيڪو عالمي سطح تي پذيرائي سان گڏ نئين تاريخ رقم ڪئي آھي، تاريخدان ۽ عالمي سطح تي نظر رکندڙ تاريخدانن مطابق سنڌو بچايو تحريڪ سنڌ ۾ ماضي جي ايم آر ڊي تحريڪ کان بھ اثرائتي ۽ منظم نظر اچي ٿي، ماضي ۾ سنڌ جي سرزمين کان معاشي وسيلن تي ٻاھرين قوتن ھلاڻ ۽ قابض ٿيا پر سنڌ کي ڪا اھڙي خاص قوت اڄ ڏينھن تائين سرسبز، آباد ۽ خوشحال رکيون اچي ٿي، تازو ڪراچي جي ھڪ نوجوان وڪيل ايڊووڪيٽ عامر وڙائچ، ملير بار ۽ سڄي سنڌ جي وڪيلن کي آمدھ ڪيو تھ ھو سنڌو درياءَ کي بچائڻ ۽ وفاق پاران اعلانيل تڪراري ڇھھ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽنگ فارمنگ خلاف ميدان عمل ٿين.

ڪجھھ ڏينھن اڳ تائين تحريڪ جي سالار کي اھا اميد ۽ توقع نھ ھئي تھ ھو سندس ھنيل سنڌو جي نعري ۾ سنڌ واسي خاطر خواھ موٽ ڏيندا پر جڏھن ھو ٻٻرلو باءِ پاس تي قافلو کڻي پھتو ۽ سنڌو مٿان ڪئنال سمورا نامنظور وارا نعرا ھنيا تڏھن سنڌ جو ٻچو ٻچو ساڻس ھن نعري جي جواب ۾ ٻٻرلو باءِ پاس ڌرڻي ۾ پھتو جتي  ھي حق ۽ سچ جو قافلو روزانو ھڪ نئين تاريخ جوڙيندو رھيو، سنڌ سان محبت رکندڙ پوءِ سنڌي ھجي يا ڪا ٻي قوم تنھن ۾ عامر وڙائچ سان گڏ بيٺا، روزانو صبح کان وٺي رات جي تاريخي ۾ ھزارين عورتون، مرد، ٻار، بزرگ، نوجوان جن ۾ سول سوسائٽي، قومپرست ڌريون، وفاق پرست، صحافي، اديب، دانشور، فنڪار، محقق ۽ پاڻي جي ماھرن جون قطارون لڳيون پيون، ڏسڻ ۾ اھو آيو تھ سنڌ جي عوام اقتداري پارٽي کان پنھنجي اظھار ذريعي نفرت جو کليل نعرو ھنيو.

تازو ملير جي صحافين ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر حنيف سومرو جي اڳواڻي ۾ ھڪڙو قافلو ٻٻرلو  ڌرڻي پھتو جتي قلم ڌڻي جنھن ۾ سنڌ جي سينيئر صحافي ۽ صحافي تنظيمن جي اڳواڻ غازي جھنڊير، مھيش ڪمار، عاجز جمالي، عارف نائچ ۽ ٻين عامر وڙائچ سان پڻ ملاقات ڪئي جنھن جا حوصلا انتھائي بلند ھئا جنھن سنڌو درياءَ جي مٿان تڪراري ڪئنالن جي خاتمي واري نوٽيفڪيشن تائين ڌرڻي کي جاري رکڻ جو عزم ڏٺو.

ٻٻرلو باءِ پاس ڌرڻي ۾ جتي سڄي سنڌ سراپا احتجاج ٿي پھتي اتي مقامي ڪاروباري شخصيتن سميت سماجي ۽ پورھيت لڏو  پنھنجي حصي کان وڌيڪ ڌرڻي ۾ آيل ماڻھن جي مهمان نوازي ڪئي، ڪنھن کاڌو پھچايو تھ ڪنھن پاڻي يا ڪنھن گرمي کان بچڻ لاءِ ھٿ وارا پکا تھ ڪنھن جوس تھ ڪنھن روزمرھ جي استعمال جي شئي پھچائي، ميلو متل ھو سنڌ جي فنڪارن، مزاحيھ دنيا جي وڏن نالن پڻ قوم جي حوصلن کي بلند رکڻ لاءِ سر وکيريا، اھڙي صورتحال ۾ سنڌو کي بچائڻ لاءِ جتي ٻٻرلو ڌرڻو ھڪ نئين تاريخ ٺاھي اتي ملير جي وڪيل برادري بھ پاڻ ملھايو، عامر وڙائچ جي دورانديشي ۽ بھتر حڪمت عملي تحت ملير جي نوجوان بار ايسوسيئيشن جي صدر ارشاد شر ۽ جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو جي اڳواڻي ۾ گذريل ٽن ڏينھن کان قومي شاھراھھ ايم 9 کي ملائيندڙ لنڪ روڊ تي سنڌو بچائڻ خاطر ڌرڻو ھنيو جتي قومي تحريڪ سان وابسطا اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ مذھبي جماعت جي اڳواڻ راشد محمود سومرو سميت ڪيترائي سنڌ دوست اڳواڻ ۽ ڪارڪن پھچي ويا، ملير ڌرڻو بھ ٻٻرلو واري صورتحال اختيار ڪري وئي جتي سنڌو سان محبت ڪندڙ ۽ سنڌو کي بچائڻ جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا 24 ڪلاڪ جاري آھن.

حڪمرانن ۽ پاڪستان جي قومي وجود کي چڪناچور ڪندڙ قوتن کي سوچڻ کپي تھ سنڌو درياءَ جتان شروع ٿئي ٿو اتان کان ٺٽو جي ٽيل تائين رھندڙن جو پاڻي تي حق آھي، سنڌ جي احتجاج ۽ سنڌ جي مطالبي کي تسليم ڪري ملڪ کي بچائڻ جو وقت آھي.

تازو ملير جي صحافين ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر حنيف سومرو جي اڳواڻي ۾ ھڪڙو قافلو ٻٻرلو  ڌرڻي پھتو جتي قلم ڌڻي جنھن ۾ سنڌ جي سينيئر صحافي ۽ صحافي تنظيمن جي اڳواڻ غازي جھنڊير، مھيش ڪمار، عاجز جمالي، عارف نائچ ۽ ٻين عامر وڙائچ سان پڻ ملاقات ڪئي جنھن جا حوصلا انتھائي بلند ھئا جنھن سنڌو درياءَ جي مٿان تڪراري ڪئنالن جي خاتمي واري نوٽيفڪيشن تائين ڌرڻي کي جاري رکڻ جو عزم ڏٺو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.