ڪراچي جي اهم پُل ۽ ٻه رستا هڪ مهيني لاءِ بند

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب اعلان ڪيو آهي ته قيوم آباد ۾موجود ڪي پي ٽي پل کي اڄ رات کان هڪ مهيني لاءِ بند ڪيو پيو وڃي.

مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته ڪورنگي روڊ تي واقع ڪي پي ٽي پل کي مرمت لاءِ بند ڪيو ويندو، جڏهن ته بلوچ ڪالوني ايڪسپريس وي ۽ قيوم آباد کان ڪورنگي روڊ تي ايندڙ حصو پڻ بند ڪيو ويندو.

هن چيو ته متبادل رستي طور پل جي هيٺان وارو حصو استعمال ڪري سگهجي ٿو، ۽ ٽريفڪ پوليس سان گڏ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري عوام انتظاميا سان سهڪار ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.