ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ انڊسٽري ۾ جتي ڪيترائي اداڪار گهٽ پيسي واري ڪٽنب مان اچي شهرت حاصل ڪري چڪا آهن، اتي هڪ اهڙو ليجنڊ اداڪار به هو، جيڪو ڪنهن دور ۾ مالي مسئلن جي ڪري مسجد جي ٻاهران پنڻ تي به مجبور ٿي ويو هو.
اسين ڳالهه ڪري رهيا آهيون بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار قادر خان جي، جيڪو هاڻي ته هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي، پر اڄ به پنهنجي مداحن جي دلين ۾ جيئرو آهي۔
قادر خان پنهنجي فلمي سفر جي شروعات 1973 ۾ ڪئي، ان دور ۾ هن ڪيترين ئي سپر هٽ فلمن جهڙوڪ همت والا، قُلي نمبر 1، آنڪھ، ۽ راجا بابو سميت بيشمار فلمن ۾ ڪم ڪيو، جڏهن ته پنهنجي ڪيريئر دوران هن اميتاب بچن، سلمان خان، ۽ گووندا جهڙن وڏن ستارن سان اسڪرين تي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا۔
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب قادر خان 22 آڪٽوبر 1937ع تي افغانستان ۾ پيدا ٿيو، سندس پيءُ قندهار سان تعلق رکندو هو، جڏهن ته ماءُ اقبال بيگم برطانوي هندستان جي رهاڪو هئي. مالي مشڪلاتن جي ڪري قادر خان جو ڪٽنب ممبئي لڏي آيو ته جيئن هڪ بهتر زندگي حاصل ڪري سگهي.
مالي تڪليفن سبب قادر خان جا ماءُ ۽ پيءُ هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا، جنهن کانپوءِ سندس ماءُ جي زبردستي ٻي شادي ڪرائي وئي، ۽ قادر خان جي زندگي ۾ ڏکيا ڏينهن شروع ٿي ويا.
ماضي ۾ ڏنل هڪ انٽرويو دوران، مرحوم قادر خان پنهنجن مالي مسئلن جو اعتراف ڪندي چيو هو ته سندس ويڳو پيءُ مٿس تشدد ڪندو هو، ۽ کيس پئسا ڪمائڻ لاءِ 10 ڪلوميٽر پنڌ هلڻو پوندو هو، ايتري تائين جو مسجد جي اڳيان پنڻ تي به مجبور ٿي پيو هو.
ڪيترين ئي ميڊيا رپورٽن مطابق، قادر خان جو خاندان هر ٽئين ڏينهن تي رڳو هڪ ڀيرو کاڌو کائيندو هو، جڏهن ته باقي ڏينهن بک ۾ گذاريندو هو.
سندس ماءُ هميشه کيس تعليم طرف راغب ڪيو ۽ وڏي ماڻهو ٿيڻ جي خواهش ڏني. قادر خان تعليم حاصل ڪري سول انجنيئر بڻجي ويو ۽ هن بائيڪلا جي ايم ايڇ صابو صديقي ڪاليج آف انجنيئرنگ ۾ بطور ليڪچرار پڙهايو.
قادر خان کي سدائين ٿيٽر جو شوق رهيو، هڪ ڊرامي دوران سندس اداڪاري ڏسي دليپ ڪمار متاثر ٿيو، جنهن کيس پنهنجي ايندڙ فلمن سگينا ۽ بيراگ لاءِ سائن ڪيو، ۽ پوءِ قادر خان جو بالي ووڊ ۾ ڪاميڊي اداڪار طور ڪيريئر شروع ٿيو.
قادر خان پنهنجي فلمي سفر دوران گڏيل طور 400 فلمن ۾ ڪم ڪيو، جڏهن ته سندس آخري وڏي فلم "محبوبا” 2019ع ۾ رليز ٿي.
ياد رهي ته قادر خان 2019ع ۾ ڪينيڊا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.