ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ ڊوڙ: پينسل جيترو تاريخ جو سنهي ۾ سنهو فون متعارف

ناليواري ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل پاران آئي فون 16 سيريز کي سيپٽمبر 2024 ۾ متعارف ڪرايو ويو هو، جڏهن ته نون ماڊلز جي آڇ ۾ اڃا گهڻو وقت لڳندو.

پر هاڻي آئي فون 17 سيريز بابت ليڪس جو سلسلو جاري آهي، ۽ 2025 جي آئي فون ماڊل جي جھلڪ تي ٻڌل هڪ وڊيو يوٽيوب تي سامهون آئي آهي.

يوٽيوب چينل "Unbox Therapy” تي نئين آئي فون جي وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي، جتي چينل جي ميزبان ليوس جارج چين ۾ موجود آئي فون جي ٺاهيندڙ ڪمپنين جي ڊمي ماڊلز تي نظر وجهندي آئي فون 17 جي امڪاني ڊزائن جي جھلڪ ڏيکاري آهي.

وڊيو موجب ايندڙ آئي فون ماڊل اندازن کان به وڌيڪ ۽ ايپل جو هاڻ تائين جو سڀ کان وڌيڪ سنهو فون ٿي سگهي ٿو.

وڊيو ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آئي فون جي ٿولهه 5.65mm هوندي، جيڪا پينسل کان به سنهي آهي. جيڪڏهن اها دعويٰ درست ثابت ٿي ته اهو فون ايپل جي تاريخ جو سڀ کان سنهو اسمارٽ فون هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.