نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)مودي سرڪار بي حسي ۽ بي رحمي جو مظاهرو ڪندي نئين دهلي ۾ علاج لاءِ آيل پاڪستاني ڪٽنب کي به ڀارت ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ٻارن جي پيءُ ٻڌايو ته سندس ٻه ٻار، جيڪي پيدائشي طور دل جي بيماري ۾ مبتلا آهن، جن جون عمريون 7 ۽ 9 سال آهن، جيڪي نئين دهلي جي هڪ اسپتال ۾ داخل آهن، جتي هن هفتي انهن جي سرجري ٿيڻي هئي، پر ڀارتي پرڏيهي کاتي کين واپس وڃڻ لاءِ چيو آهي.
ٻارن جي پيءُ جو چوڻ آهي ته هاڻوڪي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هو پاڻ کي ڀارت ۾ غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستاني حڪومت کان اپيل ڪن ٿا ته اسان جي مدد ڪئي وڃي.