ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم ۽ سندس ٽيم عوامي مؤقف ٻڌي ڪينالن جو مسئلو سُٺي نموني حل ڪيو.
وڏي وزير سان گورنر پنجاب سليم حيدر جي ملاقات ٿي، جنهن دوران تڪراري ڪئنالن جو مسئلو حل ٿيڻ تي ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي کي واڌايون ڏنيون.
ان موقعي تي مراد علي شاهه چيو ته چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سياسي سياڻپ سان ڪينال تڪرار حل ٿي ويو، وزيراعظم سميت سندس ٽيم عوام جو مؤقف ٻڌي، مسئلو سٺي طريقي سان سلجهايو آهي.
مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته قوم متحد آهي، ڀارت ڪا به جارحيت ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي ۽ پاڪستان جي اندرين استحڪام ۾ سڀئي صوبا پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت قومي مفادن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندي، جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ سهڪار ئي ملڪي ترقيءَ جو ضامن آهي.