نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج مرڪنڊي ڪاتجو چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت جنگ ڪئي ته ان جي معيشت تي انتهائي خراب اثر پوندو.
هڪ انٽرويو ۾ جسٽس (ر) مرڪنڊي ڪاتجو چيو ته ڀارتي ٽي وي چينلن تي ويهي ڀارتي جرنيل پاڪستان سان جنگ بابت بي بنياد ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پر انهن کي سمجهڻ گهرجي ته ٻئي ملڪ ايٽمي طاقت رکن ٿا.
هن واضح طور چيو ته ڀارت جيڪڏهن جنگ ڪري ٿو ته ان جي اقتصادي صورتحال سخت متاثر ٿيندي.
ڪاتجو وڌيڪ چيو ته پلواما حملي کانپوءِ پاڪستان جي طرفان جيڪي قدم کنيا ويا، سي قابلِ تعريف هئا، جڏهن ته ان وقت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ انتهائي وڌي وئي هئي.