ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گذريل ڏينهن کان وٺي سون جي اگهه ۾ حيران ڪندڙ واري اضافي کان پوءِ اڄ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي.
آل پاڪستان سونارا جيمز اينڊ جيولرز ايسوسي ايشن موجب اڄ سون جي في تولي اگهه ۾ 3 هزار 300 رپيا گهٽجي ڪري 3 لاک 48 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي.
اي ايسوسي ايشن موجب 10 گرام سون جي اگهه ۾ 2 هزار 833 رپيا گهٽجي 2 لاک 98 هزار 950 رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي، عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي اگهن 33 ڊالر گهٽجي ڪري 3305 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.