ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سڀني ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي نين گاڏين جي خريداري لاءِ ناڻي کاتي مجموعي طور تي 52 ڪروڙ 66 لک رپيا جاري ڪري ڇڏيا.
سنڌ جي سڀني ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي نين گاڏين لاءِ رقم جاري ڪئي وئي آهي، 6 ڪمشنرن ۽ 29 ڊپٽي ڪمشنرن کي نيون گاڏيون ڏنيون وينديون، جڏهن ته ڪياماڙي ضلعو ان فهرست ۾ شامل ناهي.
ڪمشنرن کي هڪ ڪروڙ 80 لک رپين جي گاڏي ڏني ويندي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنرن کي هڪ ڪروڙ 44 لک رپيا ماليت واري گاڏي ملندي.
سنڌ جي ناڻي کاتي طرفان گاڏين جي رقم ڪمپني کي جاري ڪئي وئي آهي، فنڊن جي منظوري ڪابينا اجلاس ۽ آڊٽ ڪليئرنس کانپوءِ ڏني ويندي.
Prev Post
You might also like