ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا ٽي 10 ليگ لاءِ 1300 کان وڌيڪ ڪرڪيٽرن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي.
34 ملڪن جي 1135 رانديگرن ۽ 235 رانديگرياڻين ڪينيڊين ايونٽ لاءِ پاڻ کي رجسٽر ڪرايو آهي.
پاڪستان مان نسيم شاهه ۽ فاطمه ثنا رجسٽريشن ڪرائيندڙن ۾ شامل آهن.
فن ايلن، سڪندر رضا، ايليڪس هيلز، شمار جوزف، جيسن راءِ، ڪيشو مهاراج، ٽم سيفرٽ، ٽم سائوٿي، جمي نيشم، لونگي نگيڊي، رائلي روسو، جيسن هولڊر، ڪرس لين، آندري فليچر، ڊيوڊ ملان، مارٽن گپٽل ۽ ٻيا به رجسٽريشن ڪرائيندڙن ۾ شامل آهن.
وومينز پليئرز ۾ ليورا هيرس، ديندرا ڊوڊن، شبنم اسماعيل ۽ ٻين رجسٽريشن ڪرائي آهي.
You might also like