ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪينال مسئلي تي سياسي جماعتن کي پرامن احتجاج جو آئيني حق حاصل آهي پر عوام جي زندگي کي متاثر نه ڪيو وڃي.
صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪا به سياسي يا سماجي تنظيم احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي ته اهڙي هنڌ ڪري، جتي عوام کي ڪنهن به قسم جي تڪليف پيش نه اچي.
هن چيو ته احتجاج ۽ اختلاف راءِ جمهوريت جو روح هوندا آهن پر ان جو انداز اهڙو هجڻ گهرجي ته عوام لاءِ اذيت جو ڪارڻ نه بڻجي، روڊن جي بندش سبب جتي عام شهري تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهن، اتي ئي جانورن جي پهچ ۾ به خلل پيدا ٿي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انهن جانورن جي خوراڪ جو مسئلو جنم وٺي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته هن وقت ملڪ جو عوام مختلف چيلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ وڌيڪ ڏکيائيون برداشت کان ٻاهر ٿي سگهن ٿيون، سڀني کي درخواست ٿو ڪيان ته روڊ بند نه ڪيو ته جيئن نه رڳو عوام جي جان ۽ مال محفوظ رهي پر روز مرهه جي زندگي به متاثر نه ٿئي.
شرجيل ميمڻ چيو ته اهڙا قدم کڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جنهن سان مريضن کي اسپتال وڃڻ، ٻارن کي اسڪول وڃڻ ۽ ماڻهن روزگار لاءِ وڃڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچن، جمهوري حق کي استعمال ڪندي احتجاج ضرور ڪيو وڃي پر ان انداز ۾ ته عوام متاثر نه ٿين.
You might also like