سنڌ جي ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جي نين گاڏين لاءِ 52 ڪروڙ 66 لک رپيا جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سڀني ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي نين گاڏين جي خريداري لاءِ ناڻي کاتي مجموعي طور تي 52 ڪروڙ 66 لک رپيا جاري ڪري ڇڏيا.
سنڌ جي سڀني ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي نين گاڏين لاءِ رقم جاري ڪئي وئي آهي، 6 ڪمشنرن ۽ 29 ڊپٽي ڪمشنرن کي نيون گاڏيون ڏنيون وينديون، جڏهن ته ڪياماڙي ضلعو ان فهرست ۾ شامل ناهي.
ڪمشنرن کي هڪ ڪروڙ 80 لک رپين جي گاڏي ڏني ويندي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنرن کي هڪ ڪروڙ 44 لک رپيا ماليت واري گاڏي ملندي.
سنڌ جي ناڻي کاتي طرفان گاڏين جي رقم ڪمپني کي جاري ڪئي وئي آهي، فنڊن جي منظوري ڪابينا اجلاس ۽ آڊٽ ڪليئرنس کانپوءِ ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.