7 ايڪڙ ايراضي تي پوکيل هنداڻا چوري!

ٽوبا ٽيڪ سنگهه (ويب ڊيسڪ) چور رات جي اونداهي ۾ يونيورسٽي جي انتظام هيٺ 7 ايڪڙ ايراضي تي پوکيل هنداڻا چوري ڪري ويا.
چوري جي اها انوکي واردات پنجاب جي شهر ڪماليه ۾ پيش آئي، جتي يونيورسٽي آف ڪماليه جي انتظام هيٺ 7 ايڪڙ ايراضي تي هنداڻا پوکيا ويا هئا.
رات جي اونداهي ۾ چور ٻنين ۾ داخل ٿيا ۽ سمورا هنداڻا ٽوڙڻ کانپوءِ ٽرڪن ۾ وجهي فرار ٿي ويا.
يونيورسٽي انتظاميا موجب هنداڻن جو فصل مڪمل طور تيار ٿي ويو هو ۽ ان جي نيلامي 25 اپريل تي مقرر هئي، جوابدارن خلاف ڪارروائي لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر کي خط لکيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.